موجوده عالمي سياسي جمود ۽ امڪاني اڀرندڙ تحريڪون

نثار لغاري

هن وقت عالمي توڙي هن خطي جي دائري ۾ عوام دوست قوتن جو سياسي جمود عروج تي آھي سواءِ  ايران جي  ايران ۾ ھن وقت تائين ڇهه سئو کان مٿي مظاهرين مارجي چڪا آھن  پوءِ  به تحريڪ جاري آھي .

عالمي سطح تي هن وقت جيتري مهانگائي، بيروزگاري، افلاس  يورپ ۾ جنگ آھي، معاشي بحران آھي  ان سطح  تي ڪا وڏي تحريڪ نٿي ڏسڻ ۾ اچي. سرمائيداري نظام مڪمل طرح ناڪامي جو شڪار ٿي رهيو آھي، يورپ توڙي آمريڪا ۾ مهانگائي پنهنجي بلند ترين سطح تي آھي. هندستان پاڪستان توڙي ٻين ملڪن ۾ به غربت انتها تي آھي وڏي پئماني تي ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آھن

عالمي سطح تي اڳ جيان  سامراجي عالمگيريت خلاف احتجاج نائين اليون جي واقعي جي اوٽ ۾ نام نهاد دهشتگردي مخالف جنگ خلاف لکين ماڻھن جي مظاهرن کان پوءِ  وال اسٽريٽ خلاف مظاهرا ٿيا آڪيوپاءِ وال اسٽريٽ، ان کان پوءِ  مسلسل جمود آھي، رکي رکي احتجاج ٿيندا آھن جئين فرانس ۾ پيٽرول جي قيمتن وڌڻ خلاف احتجاج ٿيو هو  هن وقت عالمي سطح تي ڊگهي عرصي کان خاموشي آھي

اهو ٿيو آھي جو روس آمريڪا جهڙيون سپر پاور طاقتون هڪ ٻئي جي سامهون اچي چڪيون آھن هنن وچ ۾ سردگرم جنگ هلي رهي آھي پر عوام دوست پورهيت دوست ڪميونسٽ قوتون بظاهر عالمي منظرنامي تان غائب آھن.

سرمائيداري نظام جو بحران جيترو هن وقت آھي ايترو اڳ ڪڏھن به نه هو  خاص طرح ھن وقت اسان جهڙا خطا سخت معاشي بحران بک بيروزگاري افلاس خانه جنگي جو شڪار آھن،هن وقت ماڻھو مهانگائي جي ڪري تڙپي رهيا آھن.

عجيب ڳالهه آھي عالمي سامراج توڙي سامراجي قوتون  سندن ساٿاري بظاهر طاقتور ٿيندي وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي رهيا آھن جيتوڻيڪ سندن مضبوطي ظاهري آھي سندن معاشي ڦرلٽ توڙي جبر کين ڪمزور به ڪري رهيو آھي پر عوام دوست قوتون

ڇڙوڇڙ هئڻ ڪري ڪمزور آھن  انهن جي موضوعي ڪمزوري جو فائدو حاصل ڪندي سرمائيدار قوتون وڌيڪ ڦرلٽ ڪري رهيون آھن  اهو سموري دنيا ۾ عمل جاري آھي  اها ڳالهه هن وقت بطور انقلابي وڏي ويچار جوڳي آھي  شايد تاريخ جو هي طويل ترين جمود آھي، جيڪو ڪافي ڊگهي عرصي کان هلندڙ آھي، جيترو ظلم، بربريت هن دور ۾ سرعام ٿي رهي آھي اهڙي بربريت بادشاهتن جي دور ۾ به شايد ٿيندي هجي.  جبر جيترو هن وقت آھي اهو تاريخي آھي. قومن، طبقن تي ظلم جي ڪاري رات ڇانيل آھي بظاهر ڪٿان به ڪو رستو نظر نٿو اچي هڪ اندازي موجب هي عرصو گهڻو ڊگهو وقت نه هلندو اهو جلدي ختم ٿيندو  اهو ائين به آھي ته جڏھن رات تمام گهڻي تاريڪ گهري ٿي ويندي آھي ته اها اميد هوندي آھي ته صبح جلدي ٿيندو يا اهو ويجهو آھي  قريب آھي.

هن وقت اسين جيڪڏھن پنهنجي ملڪ جو احوال ڪريون ته اٽي جا اگهه آسمان تي آھن غريب ماڻھو پورهيت هن وقت ٻن ويلن جي ماني لاءِ  پريشان آھي. بک بدحالي جي ڪري ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آھن. افسوسناڪ صورتحال آھي عوام جا سجاڳ حلقا به سخت جمود توڙي مايوسي جو شڪار آھن، اهي هن وقت به هن نظام ۾ جيئڻ جا گس ڳولي رهيا آھن  هي ڪا عام معمول موجب صورتحال ناهي هي سمورو سرمائي جو نظام ڊھي رهيو آھي سماج ۾ سمورا  انساني قدر خطرناڪ حد تائين ختم ٿي رهيا آھن بيحسي ان جاءِ تي وڌي رهي آھي جو  هن وقت ماڻھو تمام گهڻي بيماري جي حد تائين انفراديت جو شڪار آھن وجودي بحران انتها تي آھي نرگسيت به انتها تي آھي.

کاٻي ڌر جو احتجاج

هن وقت تازو ڪراچي ۾ پاپولر ليفٽ الائنس مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو آھي اهو اتساهيندڙ آھي  پر اهو بحران جي حوالي سان تمام ننڍو آھي عام ماڻھو هن وقت به انهن احتجاجن طرف متوجهه ناهي.  ڪراچي ۾ ويتر پيپلزپارٽي سان گڏ جماعت اسلامي مڪاني چونڊن ۾ وڏي قوت ٿي اڀري آھي  اهو  جهڪاءُ حيرت ۾ وجهندڙ آھي. عام ماڻھو خودرو طريقي توڙي سياسي تنظيمن جي پليٽفارم تي احتجاج ڪرڻ لاءِ  تيار نه آھي پري بيهي ڏسي رهيو آھي. مڪاني چونڊن ۾ به عوامي رد عمل ڏسڻ ۾ نه آيو ويتر اهي ئي قوتون چونڊجي آيون جيڪي هن سموري سرمائي جي نظام جو حصو آھن ۽ مهانگائي ڪندڙ آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.