سنڌ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي

زرار پيرزادو

¨ چنڊ جي تاريخ موجب پهرين رجب سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جنم ڏينهن آهي.

¨ سال 2006 ۾ مونکي ياد آهي ته انور پيرزادي صاحب ان جنم ڏينهن تي مون کان عوامي آواز اخبار ۾ ايڊيشن ڪڍايو هو. جڏهن ته عام طور تي اخبارن ۾ شاهه ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي 14 صفر تي ايڊيشن شايع ڪيا ويندا آهن.

¨ انور صاحب جو خيال هو ته هاڻي ڀٽائي صاحب جي جنم کي ملهائڻ جي به سالياني روايت پوڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته  جنم ڏينهن ملهائڻ تي هڪ خوشي جو تاثر ملندو آهي جڏهن ته ورسين تي ڏک جو احساس اڀري ايندو آهي.

¨ سو هاڻي جڏهن به ڀٽائي صاحب جو جنم ڏينهن ايندو آهي ته پاڻکي ڀٽائي صاحب جي حوالي سان انور پيرزادي صاحب جي تجويز ڪيل  اها روايت ياد اچي ويندي آهي.

¨ اسان جي هڪ دانشور ۽ چوٿين مارچ جي هيري مسعود نوراني جي هڪ ڳالهه ياد اچي رهي آهي جيڪا هن ويجهڙ هڪ پروگرام ۾ تقرير ڪندي چئي هئي ته ” هڪڙا ماڻهو پيدا ٿيندا آهن ۽ پوءِ مري ويندا پر ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي رڳو پيدا ٿيندا آهن، مرندا ناهن“

¨ اها ڳالهه يقيني طور تي ڀٽائي صاحب جهڙي شخصيت تي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي ته ڀٽائي صاحب اهڙو ديومالائي ڪردار هو جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو رڳو پيدا ئي ٿيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انور پيرزادي صاحب جيڪو ڀٽائي کي پنهنجو اسڪول آف ٿاٽ سمجهندو هو ۽ هڪ هنڌ لکيو هيائين ته ڀٽائي صاحب جي فڪر جي روشني ۾ سنڌ کي ڪنهن ٻئي نظريي جي ضرورت ناهي سو کيس سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر سڏيندو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.