حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي ور چڙھيل ماروئڙا

شاهد راڄپر

ملڪ ۾ ھاڻي نيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آھن ته  موجوده حالتن ۾ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪرڻ سميت سخت فيصلا ڪرڻ بابت ويچاري رهي آھي جنهن جي ٻڌڻ سان عوام ۾ بيچيني ڦھلجي رهي آھي ته  خدايا خير ڪجانءِ هاڻي وري ڪهڙا سخت فيصلا ورتا ويندا ۽ مني بجيٽ ۾ عوام مٿان ڪهڙا بم ڪيرايا ويندا .ڏٺو وڃي ته  پاڪستان ۾ امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي حڪمران معيشت جي ناڪامي ۽ نقصانن کي مڃڻ بجاءِ ان جا بهانا ۽ جواز ڄاڻائي روز بروز مهانگائي جا بم عوام مٿان ڪيرائي رهيا آھن ۽ مهانگائي جي وزن سبب عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي آھي ۽ حڪمران ۽ ان جا حمايتي اڃان عوام کي ڊيڄاري رهيا آھن ته  سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ سياسي بيانيو اهو آھي ته  اسان سياست بچائڻ نه  ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ڏٺو وڃي ته  اهي سڀ جا سڀ خيالي پلاءُ  آھن هتي نه  ڪنهن کي ملڪ سان محبت آھي نه  ئي سياست ۽ جمهوريت سان. هتي هرڪنهن کي پنهنجي بئنڪ بيلنس ، اثاثن سان محبت آھي ۽ اهوئي ورد انهن جي جي دلين ۾ پيل آھي جنهن سبب عوامي اهنجن عوامي مسئلا عوامي حالتن کان واقف هوندي بي خبر ٿيا پيا آھن .ڏٺو وڃي ته  حڪمرانن  کي جيڪڏهن سخت فيصلا ڪرڻا آھن ته  انهن کي گهرجي ته  فيصلن واري توپ جو رخ ٿورو تبديل ڪن ڇا ڪاڻ ته  عوام ڪافي قربانيون ڏنيون آھن ۽ اڃان به  ڏئي پيو  ڏٺو وڃي ته  عوام دال وٺي ته  ان تي ٽيڪس ڏئي، اٽي تي ٽيڪس ڏئي ، گيهھ تي ٽيڪس ڏئي ،  کنڊ تي ٽيڪس ڏئي ، پتي (چانهھ) تي ٽيڪس ڏئي ، ڪولڊ ڊرنڪ تي ٽيڪس ادا ڪري ، هاٽ ڊرنڪس تي ٽيڪس ڏئي ، سگريٽ تي ٽيڪس ادا ڪري ماچيس تي ٽيڪس ڀري ، هوميوپيٿي يا ايلوپيٿي دوا وٺي ان تي ٽيڪس ادا ڪري ،  بجليءَ جي بل تي ٽيڪس ڏئي گئس جي بل ٽي ٽيڪس وصوليو وڃي ، بجليءَ جي بل تي ودهولڊنگ ٽيڪس ، ايڪسائيز ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس ، ٽيليويزن هجي چاهي نه  هجي توڙي مسجد،  ان تي به  ٽيڪس ، ٽافي تي ٽيڪس ، سفر دوران ٽيڪس ، ٽڪيٽ تي ٽيڪس ، ٽول ٽيڪس ، پيٽروليم مصنوعات تي ڀاري ٽيڪس ادا ڪندڙ محب وطن عوام تي اڃان الائي ڪيترا بار وجهڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن اسان لاءِ  ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها  آھي ته  عوام پاران ادا ڪيل ايڏا ڳنڀير ٽيڪس آخر ڪيڏاهن ٿا وڃن ؟ روزاني بنيادن تي بلڪه  ائين چئجي ته  هر منٽ تي ٽيڪس ادا ڪندڙ عوام جو ڏنل ٽيڪس جو پئسو ڪيڏانهن ٿو وڃي ؟ ان جو حساب ڪتاب ڪنهن وٽ آھي ؟ ۽ حساب ڪتاب ڪير ڏيندو ۽ ڪير ڪندو ؟ ۽ جيڪو ٽيڪس عوام کان وصوليو وڃي ٿو اهو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي ؟

مسڪين، غريب ۽ پورھيت طبقي جو حال اھو ئي آھي ته  وٽن پيئڻ لاءِ  صاف ۽ پاڪ پاڻي ناھي ۽ نه  ئي وري کائڻ لاءِ   ڪا ماني ڳڀو آھي،  هونئن ته  پاڪستاني عوام کوڙ سارن مسئلن ۽ چيلينجز سان منهن ڏئي رهيو آھي پر اسان جي خوشحال ۽ مالدار سنڌ جو عوام ته  گهڻو ڀوڳي رهيو آھي  چي گويرا جي چوڻي آھي ته   ”جنھن قوم کي تاريخ سان دلچسپي نه   ھجي ان جو حافظو ڪمزور ۽ مزاج جذباتي ھوندو آھي اھو ئي سبب هوندو آھي جو اهي پنھنجي اڳواڻ جي چونڊ ۾ اڪثر ڪري ڌوڪو کائيندي آھي.“   اسان جي قوم جو حال به  شايد اھڙو ئي اها جنھن جي نتيجي ۾ اڄ قوم کي قحط جھڙا بدحال ڏينھن ڏسڻا پئجي رھيا آھن ۽ ملڪ ڏيوالي طرف وڌي رهيو آھيو.

هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏو قحط ته  قانون جو آھي ۽ قانون جي ڪا  رٽ  نظر نه  پئي اچي جنھن سبب هرڪو من مانيون ڪري رهيو آھي ۽ ڪو موقعو هٿن مان نه  پيو وڃڻ ڏئي، عوام مان ھاڻي برداشت جو مادو ڳرندو پيو وڃي جنهن سبب روزبروز اخبارن ۾ اهي خبرون شايع ٿي رهيون آھن ته  ڦلاڻي شھر ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ اچي ٽن ٻارن جي والد  صاحب زهر کائي ، ڦاهو کائي زندگيءَ جا ڏيئو اجهائي ڇڏيو ۽ انهن خودڪشين ۽ آپگهاتي واقعن جا ڪارڻ ڇو اڀري رهيا آھن ۽ اهڙن واقعن جو ذميوار آخر ڪير آھن ؟؟

جيڪڏهن واقعي حڪمرانن کي ملڪ جي مٽي سان جمهوريت سان ۽ عوام سان ٿورو به  لڳاءُ آھي چونڊيل نمائندن ، پارليامينٽرين ، اعلي عملدارن مطلب چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل ڪامورن کي ڏنل رڳو مراعتون واپس به  نه  ورتيون وڃن صرف انهن تي ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات ، بجليءَ جي بلن ، گئس جي بلن سميت مليل مراعتن کي گهٽ ڪيو وڃي تڏهن به  ملڪ ۾ وڌيل  مهانگائي ۾ ڪافي حد تائين ڪمي اچي سگهي ٿي. ڏٺو وڃي ته  رياست ھر سال اربين روپين جون مراعتون انهن کي ڏئي ٿي جيڪڏھن رڳو انھن سھولتن کي واپس ورتو وڃي ته  پاڪستان مان غربت جو مڪمل طور تي خاتمو آڻي سگھجي ٿو، صوبائي وزيرن کان صلاحڪارن ۽ سيڪشن آفيسرن تائين کين ملندڙ رڳو پيٽرول جو ئي اندازو لڳايو وڃي ته  الائي ڪيترو پيسو بچندو جيڪو غريبن کي سھولتون ۽ بنيادي گھرجون پورو ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگھي ٿو ته پوءِ  اھڙيون ٻيون نه  ڄاڻ ڪيتريون ۽ ڪنھن ڪنھن کي ملندڙ مراعتون آھن ۽ ھونديون جن کي واپس وٺي پيسو عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته عوام خوشحال بڻجي وڃي. سنڌ اندر موجوده صورتحال ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آھي ۽ اھو ڏھاڙيدار، مسڪين، غريب، ھاري، پورھيت خريد ڪري ئي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته  سنڌ ۾ ڪو به  چيڪ اينڊ بيلنس ناھي ھر ھڪ اٽي چڪي، فلور ملز ۽ دڪاندار الڳ الڳ ريٽ  مقرر ڪري ڇڏيا  آھن جنهن سبب ھيٺيون طبقو خريداري  ئي نٿو ڪري سگهي، افسوس ان ڳالھه جو آھي ته ھيءَ اُھا خوشحال سنڌ آھي جتي ماکي، مکڻ ۽ کير وڪڻڻ عيب سمجهيو ويندو ھو اڄ ان سنڌ جو اھڙو ته  حليو بگاڙيو ويو آھي جو ماڻهن پنهنجا ٻچا وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن پر ماڻهو بک ۽ بدحالي کان ھاڻي بيزار ٿي ڪري خودڪشون ڪري رهيا آھن

عوام پاران روز مره جي ڏنل ٽيڪس کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته  آءِ ايم ايف جهڙي اداري کان قرض وٺڻ کان به  بچي سگهجي ٿو ۽ حڪمران طبقي کي  عوامي ڀلائي لاءِ  قدم کڻي عوام ڀلائي لاءِ  سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته  هينئر مهانگائي برداشت ڪرڻ عوام جي وس کان ٻاهر آھي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال هيٺ ايندڙ شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن ۽  عوام وٽ آمدني جا ذريعا گهٽ آھن، هڪ طرف قدرتي آفتن جو سٽيل ۽ ٻئي طرف حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي ورچڙھيل عوام دانهين ته  آخر ڪنهن در دانهين  بند گهٽي ۾ ڦاٿل  عوام ايترو بند ٿي ويو آھي جو ڪيڏانهن به  وڃڻ چاهي ٿو ته   وڃي نه  ٿو  سگهي ۽ ڪو گس ڏسڻ ۾ نه  پيو اچي ته  منزل ڪهڙي طرف آھي.

هاڻي ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته  حڪمرانن توڙي وس وارن کي گهرجي ته  ٻين ملڪن کان جيڪا گذريل سال ٻوڏ دوران امداد ملي هئي ان جي منصفاڻي ورڇ ڪري مستحقن تائين حق پهچايا وڃن ۽ جيڪي حڪمرانن کي شاهي خرچ طور مراعتون مليون آھن اهي رضاڪاراڻي طور واپس ڪري ملڪي ڀلائي لاءِ  ڪتب آنديون وڃن ۽ عوام پاران ادا ڪيل ٽيڪس صحيح نموني استعمال هيٺ آندا وڃن، ائين ڪرڻ سان ملڪ ته  خوشحال ٿي ويندو پر غربت جو به  ڪافي حد تائين خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ پاڪستان سرڪار کي آءِ ايم  ايف بئينڪ جا شرط مڃڻ جي ضرورت ڪانه  پوندي پر ان کان قرض به  گهرڻ جي نوبت نه  ايندي ۽ جيڪڏهن حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا آھن ته  مهرباني ڪري هن ڀيري توپن جو رخ عوام ڏانهن ھٽائي فيصلا ڪيا وڃن جيئن ملڪ ۽ قوم جو آئيندو بهتر ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.