ايران سعودي عرب ۾ سرچاءَ جي ٿيندڙ ڪوشش

ڪافي عرصي کان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار تي سموري دنيا جي مسلمانن ۾ ڳڻتي موجود آھي، پر ھنن ملڪن ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ واري ڪوشش ۾ ڪا گھٽتائي نھ آئي آھي، جنھن جو سبب علائقائي سياست سميت ٻنھي اثرائتن ملڪن جون ڏيھي توڻي پرڏيھي پاليسيون پڻ آھن، جيتوڻيڪ اھي مختلف موقعن تي ھڪ ٻئي کي ويجھو ٿين ٿا پر وري بھ تڪرار اڀري ٿا پون،جنھن ڪري نھ رڳو خطي ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول رھي ٿو بلڪھ ان سان اھي سموري دنيا جي مسلمانن جي پريشاني جو سبب  پڻ بڻجن ٿا.تازو اھڙو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي تھ انھن ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويندا.

ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڳالهين ذريعي سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿي ويندا. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل  رپورٽ موجب،ايراني وزير امير عبداللهيان چيو آھي  ته اميد آهي تهران ۽ رياض ۾ ڳالهين کانپوءِ ٻيهر سفارت خاناکوليا ويندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙيون ڳالهيون جاري رهڻ گهرجن.

واضح رهي ته ايران ۽ سعودي عرب هڪ ٻئي جا حريف آهن، جيڪي يمن، شام ۽ عراق سميت خطي ۾ ڪيترن ئي تڪرارن تي وڙهي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن 2016ع ۾ سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا هئا. گذريل ڊسمبر ۾ ايران جي اتحادي شام ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ممڪن مفاهمت جي اميد پڻ پيدا ٿي ھئي. اپريل 2021ع کان وٺي عراق ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي ڪرائي چڪو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين ۾ ٽياڪڙي  جو ڪردار پڻ ادا ڪيو آھي  پر گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڳالهيون التوا جو شڪار رھيون آهن، اپريل 2022ع کان پوءِ عوامي سطح تي ڪنهن به ملاقات جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. شام نواز حڪومت جي الوطن اخبار جو چوڻ آهي ته شام ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا گهٽجي رهيا آهن، امير عبداللهيان به 14 جنوري تي دمشق جو دورو ڪيو. بيروت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ھو ته اسان کي خوشي آهي ته شام ۽ ترڪيھ وچ ۾ ڳالهيون بحال ٿيون آهن. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته انهن ڳالهين جا ٻنهي ملڪن تي هاڪاري اثر پوندا. ترڪي ۽ دمشق جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪجهه ڏهاڪن کان جاري ڪوشش ۾ شامي جنگ ۾ ھڪ نئين صورت ۾ اڀري آئي آھي.

شام صدر بشار الاسد روس ۽ ايران جي مدد سان ملڪ جي باقي حصن  ۾بغاوت  کي منھن ڏيڻ ۾ ڪامياب رھيو آھي، پر اتراولھھ ۾شامي باغين کي انھن جي آخري وڏي علائقي ۾ برقرار رکڻ ۾ ترڪيھ جي حمايت  اهميت رکي ٿي. جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ برف ٻيهر ڳرڻ شروع ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ڊسمبر جي آخر ۾ روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ ترڪيھ ۽ شام جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ تاريخي ڳالهيون ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.