لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمين ۽ ملازمن وچ ۾ ڇڪتاڻ، صوبائي وزير نوٽيس ورتو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ ۽ ملازمن وچ ۾ پنج ڏينهن اڳ ملازمن کي معطل ۽ بدلي ڪرڻ واري معاملي تان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کان پوءِ چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو ۽ ملازمن هڪٻئي مٿان سنگين الزام هنيا هئا جنهن دوران ملازمن تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي سمورن آفيسن جي تالابندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال ڪئي هئي. هوڏانهن اهڙي معاملي جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو نوٽيس وٺندي ڌرين کي ڪراچي طلب ڪري ورتو جتي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ ۽ يونين اڳواڻن محمد اقبال جاگيراڻي ۽ ٻين وچ ۾ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي آفيس ۾ ڳالهيون ڪري آفيس سپرٽينڊنٽ آپڪا يونٽ بورڊ آفيس جي صدر محمد علي ڏيپر ۽ جونيئر ڪلارڪ جنرل سيڪريٽري محمد اقبال جاگيراڻي جي معطل ۽ سپريٽيڊنٽ فيض محمد ميربحر کي شڪارپور بوٿ بدلي ڪرڻ وارا آرڊر واپس وٺي کين بحال ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون آهن. جڏهن ته ٺاهه بعد ملازمن پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪالهه پنجين ڏينهن به تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ملازمن آپڪا جي سڏ تي آفيسن جي تالا بندي ڪري چيئرمين بورڊ جي مبينا ناجائزين خلاف آفيس جي احاطي  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آپڪا يونٽ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي صدر محمد علي ڏيپر، نائب صدر فيض محمد ملاح، نصير ميراڻي ۽ ٻين چيو ته تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمين نسيم ميمڻ 2 سال اڳ چارج وٺڻ کان پوءِ پنهنجا شاهي خرچ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن سان تعليمي بورڊ ۽ اتان جي ملازمن کي نقصان پهچي رهيو هو، اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ اسان آواز اٿاريو ته چيئرمين بورڊ انتقامي ڪاروائي ڪندي هڪ عورت ملازمه تمثيلا جي پگهار بند ڪرڻ سميت ٻين ملازمن کي ڪراچي رليو ڪري کين هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن عمل خلاف اسان جمهوري حق استعمال ڪندي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.