ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سٽي ڪورٽ جي گيٽ تي پيءُ گوليون هڻي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن سٽي ڪورٽ جي گيٽ تي جوابدار امير زمان مسعود عدالت ۾ بيان ڏيڻ آيل پنهنجي 18 ورهين جي نياڻي ساجده تي پسٽل جا فائر ڪري ڏنا، نتيجي ۾ ناري ٿڏي تي قتل ٿي وئي جڏهن ته ڄنگهه ۾گولي لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار عمران زمان زخمي ٿي پيو.پوليس جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ هو ته ناريءَ پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت آئي هئي.ٻئي طرف ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار عدالتي احاطي ۾ ناري جي قتل جو نوٽيس وٺندي ڊيوٽي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي هڪ پوليس اهلڪار کي معطل ڪري واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.