نئين مني بجيٽ: بجلي 30 ، گئس 70 سيڪڙو مهانگي، مهانگائي شرح ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت آخرڪار هڪ مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ته جيئن آءِ ايم ايف جي ٻين خدشن کي به ختم ڪري سگهجي، پر ان سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي، ڊان اخبار جي رپورٽ مطابق اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن اڀرندڙ سياسي بي يقيني جي صورتحال معيشي بحالي جي رستي ۾ چئلينج جو سبب بڻجي رهي آهي، بجلي جي قيمتن ۾ تقريبن 30 سيڪڙو اضافو، گئس جي اگهن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ اضافو، نون ٽيڪس قدمن ۽ وياج شرح ۾ واڌ  ايندڙ معاشي طوفان جا نمايان ثمر هوندا، معاشي ماهرن مطابق انهن قدمن جي گڏيل اثرن سان مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 5 کان 10 سيڪڙو تائين اضافو ٿيندو، جيڪا اڳ ئي 25 سيڪڙو جي آسپاس گهمي رهي آهي، پي ٽي آءِ ۽ موجوده حڪومت ٻنهي سان لاڳاپيل رهندڙ هڪ معاشي ماهر چيو ته ان جا سياسي اثر نڪرندا ۽ اهي تمام تلخ هوندا، انهن قدمن سان گڏوگڏ ملڪ ۾ هن وقت موجود ٽي الڳ الڳ فارن ايڪسچينج مارڪيٽن خلاف فيصلائتو ڪريڪ ڊائون نظام ۾ سنگين بگاڙ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ جي صورت ۾ لڳ ڀڳ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فوري طور تي جاري ٿيندا، ان سان سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ چين جهڙن دوست ملڪن سميت قرض ڏيندڙن کان مالي امداد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن پهرين ئي عوامي سطح تي اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پاران ذميواراڻو انداز اختيار ڪرڻ ۽ سڌارن کانپوءِ ئي اضافي وسيلن سان پاڪستان جي مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.