18 جنوري تائين بندرگاهن وٽ ڦاٿل ٻاهريون سامان ڪليئر ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ، بئنڪن کي 18 جنوري تائين گهرايل سامان 31 مارچ تائين ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪمرشل بئنڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته واهپيدارن کي درآمدي سامان خريدڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو پابند بڻايو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بئنڪن کي درآمدي دستاويز ڪليئر ڪرڻ جو طريقي ڪار فراهم ڪيو آهي، بئنڪن کي خوراڪ، دوائن ۽ توانائي جي درآمدن کي ترجيح ڏيڻ جو چيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪاروباري طبقي بندرگاهه تي درآمدي مال ڦاسڻ جي نشاندهي ڪئي آهي، شپنگ دستاويز ڪليئر نه هجڻ سبب بندرگاهه تي مال ڦاٿل آهي، جنهن تي بئنڪن کي چيو آهي ته 180 يا ان کان وڌيڪ ڏينهن جي ادائيگين جو درآمدون اڳ ڪليئر ڪيون، بئنڪون ناڻي مٽاسٽا جو انتظام ڪري ادائيگي ڪندڙن جا دستاويز ڪليئر ڪن. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته بئنڪن کي 18 جنوري تائين گهرايل سامان 31 مارچ تائين ڪليئر ڪرڻ جو چيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته بندرگاهن تي پهتل شپمنٽ جا دستاويز ڪليئر ڪيو، بئنڪن کي اها به هدايت ڪئي آهي ته واهپيدارن کي درآمدي سامان خريدڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو پابند بڻائين. هوڏانهن ميري ٽائم بابت وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو آهي ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڦاٿل هزارين ڪنٽينرن جو ڏنڊ معاف ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ واپاري برادري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل سبزواري چيو اسان کي اندازو آهي ته شپنگ لائنز جا هزارين ڪنٽينر بندرگاهن تي ڦاٿل آهن، ان معاملي تي ڪيترن ئي ڏينهن کان اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري رهيا هئاسين ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي ڦاٿل ڪنٽينرن کان ڪنهن به قسم جو ڏنڊ وصول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شپنگ لائنز ڪنٽينرز تي ڊيمرج جا چارجز ۾ رعايت ڏيڻ جي حامي ڀري آهي، پورٽس تي ڦاٿل ڪنٽينرن کان هڪ رپيو به وصول نه ڪيو ويندو.سندس چوڻ هو ته آف ڊاڪ ٽرمينلز تي ڪنٽينر منتقل ٿيندا، پاڪستان ۾ ڪا شپنگ لائن بند نه پيا ڪيون، شپنگ لائنز جو ڪاروبار جاري رهندو، اسان بزنس ڪميونٽي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.