نقيب الله قتل ڪيس جو 5 سالن بعد فيصلو، رائو انوار سميت سمورا جوابدار بري

ڪراچي (رپورٽ:ماريا اسماعيل)نقيب الله قتل ڪيس جو 5 سالن بعد فيصلو اچي ويو،رائو انوار سميت سمورا جوابدار بري ٿي ويا. رپورٽ موجب ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت سمورن جوابدارن کي 5 سالن بعد بري ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.ان موقعي تي عدالتي احاطي ۾ اڻ واڳيل ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي، نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار، ڊي ايس پي قمر احمد، امان الله مروت ۽ سب انسپيڪٽر انار خان سميت 17 جوابدار نامزد هئا.ياد رهي ته نقيب الله محسود سميت 4 ڄڻن کي 13 جنوري 2018ع تي ملير پوليس مبينا مقابلي ۾مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.پوليس مارجي ويل چئني ڄڻن جو تعلق بندش پيل تحريڪ طالبان سان ٻڌايو هو.نقيب الله محسود جي گهر ڀاتين پوليس جي موقف کي رد ڪيو هو جڏهن ته  ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن کان پوءِ 27 جنوري تي سپريم ڪورٽ واقعي جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو.

نقيب الله قتل  ڪيس 5 سالن تائين هلندو رهيو

ڪراچي:نقيب الله کي 13 جنوري 2018ع تي ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو، ڪيس 4 سالن تائين هلندو رهيو،جنهن جو فيصلو 14 جنوري 2023ع  تي محفوظ ڪيو ويو قتل جو ڪيس نقيب الله جي پيءُ جي مدعيت ۾ دخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ رائو انوار سميت سندس ٽيم کي نامزد ڪيو ويو هو

اي سي ايل ۾ نالو  داخل ٿيڻ بعد رائو انوار سرينڊر ڪيو

ڪراچي:نقيب اللڪه قتل ڪيس ۾سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ کي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.جاچ ڪميٽي جي ابتدائي رپورٽ ۾ رائو انوار کي معطل ڪرڻ جي سفارش کان پوءِ کيس ايس ايس پي جي عهدي تان هٽائي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو شامل ڪيو ويو.معاملي جو تڏهوڪي چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، جنهن بعد رائو انوار پاڻ کي سپريم ڪورٽ آڏو سرينڊر ڪيو هو، بعد ۾ کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو

دهشتگرد ڄاڻائي ماريل  نقيب الله لبرل ۽ فنڪار هو

ڪراچي:ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾13 جنوري 2018ع تي نقيب الله سميت 4 نوجوانن کي پوليس دهشتگرد  ڄآنائي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان واقعي بعد سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل سامهون آيو، جنهن ڪري دهشتگرد ڄاڻايل نقيب الله جو سوشل ميڊيا تي پروفائل ظاهر ڪيو ويو، جنهن موجب نقيب الله هڪ لبرل ۽ فن جو شوقين نوجوان هو، مختلف فنڪارن سان  فوٽو ڪڍرائندڙ نقيب الله ماڊل بڻجڻ جو خواهشمند هو.

25 جنوري 2019ع  تي نقيب الله تي داخل دهشتگردي جا 5 ڪيس ختم ڪيا ويا

ڪراچي:دهشتگردي ٽوڙ عدالت 25 جنوري 2019ع تي رائو انوار  مٿان فرد جرم لاڳو ڪندي نقيب الله محسود  خلاف دهشتگردي، هٿيار ۽ بارود رکڻ جي الزام هيٺ داخل 5 ڪيس رد ڪندي الزامن کي گمراهه ڪن قرار ڏنو هو.

رائو انوار جي بريت جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي:نقيب الله قتل ڪيس جي فرياديءَ جي وڪيل اي ٽي سي جو رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي بري ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.نقيب الله قتل ڪيس ۾ مدعي جي وڪيل صلاح الدين پنهور جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو چئلينج ڪنداسين، ڪيس ۾ پوليس سهڪار نه ڪيو، بيانن کان ڦري ويل پوليس اهلڪارن خلاف محڪما جاتي ڪاررواائي به نه ٿي.

نقيب الله جو اصل نالو نسيم الله، هو اشتهاري هو:رائو انوار

ڪراچي: اڳوڻي ايس پي رائو انوار بريت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الحمدالله ڪوڙو ڪيس پڄاڻي تي پهتو،مون سان ڪيس ۾ ناانصافي ٿي پر الله پاڪ اسان سان  انصاف ڪيو.ڪجهه ماڻهن ننهن چوٽي جو زور لاتو پر اهي ڪجهه نه ڪري سگهيا. رائو انوار چيو ته وڌيڪ تفصيل مان ميڊيا کي انٽرويوز ۾ٻڌائيندس.هن چيو ته 25 ماڻهو هن ڪيس ۾ ناجائز چالان ڪيا ويا، جيڪو ماريو ويو، ان جو نالو نقيب الله هو ئي نه، ان جو نالو نسيم الله هو.هن دعويٰ ڪئي ته ان جي غلط تصوير ميڊيا تي هلرائي وئي، ان جو اصل سڃاڻپ ڪارڊ اسان وٽ موجود آهي، هو هڪ وانٽيڊ شخص هو، کيس 2016ع ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو هو، اردو ۽ هڪ سنڌي اخبار ۾ هن جو اشتهار موجود آهي.رائو انوار  هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سوس ۾منهنجو هڪ سال اڃا باقي آهي،مان ٻيهر هن شهر جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو، مون سدائين ڪراچي شهر جي خدمت ڪئي آهي، ڪيترن ئي ظالمن کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياريو آهي.

90 شاهدن مان 7 شاهد بيان کان منحرف ٿي ويا

ڪراچي:نقيب الله قتل  ڪيس 23  جنوري 2018ع تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار، ڊي ايس پي قمر احمد، ايس ايڇ او امان الله مروت ۽ سب انسپيڪٽر انار خان سميت 17 جوابدار نامزد هئا.ڪيس جي چالان ۾90 کان وڌيڪ شاهدن شامل ڪيا ويا، پراسيڪيوشن جا ست شاهد بيان ڏيڻ کان پوءِ منحرف ٿي ويا هئا. ڪيس ۾رائو انوار سميت 18 جوابدارن تي 15 مارچ 2018ع تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت 51 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا هئا.ڪيس ۾ رائو انوار  ۽ اڳوڻو ڊي ايس پي قمر احمد ضمانت تي آهن جڏهن ته 13 جوابدار  جيل ۾ آهن، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله سميت 7 جوابدار روپوش آهن.حتمي دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت 14 جنوري تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.نقيب الله قتل ڪيس 5 سال عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ رهيو، جنهن جو فيصلو گذريل ڏينهن عدالت ٻڌائي ڇڏيو

توانائي کان انصاف تائين هر شئي جو بريڪ ڊائون آهي: جبران ناصر

ڪراچي(رپورٽر) نقيب الله محسود ڪيس ۾ مدعي جي قانوني ٽيم جي وڪيل جبران ناصر چيو آهي ته نقيب الله محسود جا وارث ان فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا، ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته توانائي کان انصاف تائين پاڪستان ۾ هر شئي جو بريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي، اڄوڪي فيصلي سان مايوسي ٿي، انصاف جي جنگ جاري رهندي

ڪيس جو ٽرائل مڪمل، رائو انوار جي ضمانت خلاف درخواست رد

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نقيب الله قتل ڪيس جي مک جوابدار رائو انوار سميت ٻين جي ضمانت رد ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذار رائو انوار سميت ٻين جوابدارن خلاف ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿي ويو آهي، جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪيس نه ٿا هلائي سگهون.عدالت ڪيس واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.