سنڌ جي حالت ايٿوپيا کان به بدتر ڪئي وئي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري غريب عوام کان هڪ ويلي جي ماني کسي وئي آهي. ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي موت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ جي حالت ايٿوپيا کان به بدتر ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري علي محمد پرويز ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان جو شمار سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پر پاڪستان خصوصن سنڌ جي ڪڻڪ اسمگل ڪئي وئي آهي جنهن جي اعليٰ عدالتي جاچ ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته اسان کي امن امان نٿو ملي، اسان جي زمينن تي پرڏيهي دهشتگرد قبضا ڪري رهيا آهن پوءِ اسان مٿان مهانگائي جو طوفان آڻي دفاع جي نالي ۾ کربين روپيا ڇو پيا اوڳاڙيا وڃن؟ اسان جو دفاع به نٿو ٿئي پوءِ دفاعي بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.