وفاقي وزير لاءِ خير، ڪو وڏو فالٽ ناهي: خرم دستگير

اسلام آباد( م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو ڪو وڏو فالٽ نه آيو آهي، اميد آهي ته ايندڙ 12 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ بجلي مڪمل طور بحال ٿي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته پاور جنريشن جي وقت هڪ هڪ ميگا واٽ کي ڏٺو ويندو آهي ته ان سان پاور ٽيرف تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ ٿڌ جي موسم ۾ ڇو تهبجلي جي طلب گهٽ ٿي آهي، ان جي لاءِ سسٽم کي رات جي وقت وڌيڪ سسٽم کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ صبح جي وقت هڪ هڪ ڪري سسٽم کي ٻيهر آن ڪيو ويندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪالهه صبح ست وڳي جي ويجهو جڏهن هڪ هڪ ڪري سسٽم کي آن ڪيو پئي ويو ته ان دوران ڄامشورو ۽ دادو جي وچ ۾ فريڪوئنسي جي کوٽ جي ڪري بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بريڪ ڊائون اتر کان ڏکڻ  تائين آيو آهي ۽ اسان آهستي آهستي ڏکڻ کان اتر جي طرف سسٽم بحال ڪري رهيا آهيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.