ڪلفٽن زمين الاٽ ريفرنس ۾نقصان جو ڪاٿو طلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ڪلفٽن سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت نيب جي وڪيل کان پڇيو ته زمين ڪنهن جي ملڪيت آهي؟.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نيب جو ڪم قومي ناڻي جي نقصان جي جاچ ڪرڻ آهي، ريفرنس ۾ لکيو ناهي ويو ته ڪهڙو نقصان ٿيو آهي.عدالت چيو ته 1982ع  ۾ الاٽ ٿي، هاڪرز  پلاٽ وڪرو ڪيو ته ان ڪيس ۾ هاڪرز کي نامزد چو نه ڪيو ويو آهي؟، 2004ع ۾ ڊي جي بلڊر کي زمين منتقل ڪئي وئي، جيڪڏهن  منتقل ڪئي وئي آهي ته تي ڪي ڊي اي کي نامزد ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ وڏن معاملن کي ڇڏي هن ريفرنس ۾ نيب کي ڪهڙي دلچسپي آهي. مصطفيٰ ڪمال جي وڪيل چيو ته 2018ع ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ زمين پراڻي حيثيت ۾ بحال ٿي وئي. عدالت چيو ته جڏهن قومي ناڻي کي ڪو به نقصان نه ٿيو ته ريفرنس ڇو داخل ڪيو ويو آهي.نيب جي وڪيل جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.