پي ٽي آءِ جو يوٽرن، رهيل 44 ايم اين ايز استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ پهچي ويا

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف پاران رهيل 44 ايم اين ايز جون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو، عمران خان جي هدايت تي 44 ايم اين ايز استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ قومي اسيمبلي پهچي ويا. عامر ڊوگر جي قيادت ۾ پهتل ايم اين ايز کي پارليامينٽ جي گيٽ تي روڪيو ويو، ايم اين ايز پاران پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان کان پوءِ ميمبر اليڪشن ڪميشن پهتا.اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر اسان جي سمورن ميمبرن جي اڃا تائين استعيفا منظور نه ڪئي آهي، ان ڪري پارٽي چيئرمين جي هدايت تي 44 ميمبرن به پنهنجيون استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي .اسد عمر پنهنجي ٽويٽ ۾ استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ پهتل ايم اين اين ايز جا نالا به جاري ڪري ڇڏيا.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.