عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري کانپوءِ پي ٽي آءِ محسن نقوي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ وارن اعلان ڪيو آهي ته هو عدالتن ۾ به ويندا ۽ روڊن تي به نڪرندا.

محسن نقوي کي اليڪشن ڪميشن آئيني طور تي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ وارا مڃڻ لاءِ تيار ناهن.

نگران سيٽ اپ ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق هجي پر ائين نه ٿيڻ تي سياست ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

اهي امڪان آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سياست ۾ ٽڪراءُ ٿي سگهي ٿي ۽ وڏي ڪريڪ ڊائون به تياريون ڪيون پيون وڃن.

ان ڏس ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري جي نئين مقرري لاءِ به انٽرويوز ٿي چڪا آهن.

آءِ جي پنجاب مبينا طور تي اهڙي شخص کي مقرر ڪيو پيو وڃي جنهن خاطري ڪرائي آهي ته اهو عمران خان کي گرفتار ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.