ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (پي ٽي سي ايل) به سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب انٽرنيٽ سروس جي فراهمي ۾ خلل جو اشارو ڏنو آهي.
پي ٽي سي ايل طرفان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون کانپوءِ واهپيدارن کي انٽرنيٽ سروسز جي معيار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو.
ڪمپني پنهنجي هڪ بيان ۾ آگاهي ڏني ته جيئن ئي بجلي جو بريڪ ڊائون ختم ٿيندو، واهپيدار هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيٽ سروس بغير ڪنهن وقفي جي استعمال ڪري سگهندا.
واضح رهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي، جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.