ڪنوار شادي مهل گهوٽ جي اهڙي ڪمزوري ڏسي ورتي جو پرڻي کان ئي ڦري وئي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ گهوٽ شادي جي موقعي تي نوٽ ڳڻڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي ڪنوار شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

شادي تقريب دوران گهوٽ کي 10 رپين جا 30 نوٽ ڳڻڻ لاءِ ڏنا ويا ۽ ڪوششن باوجود هو نوٽن جي درست ڳڻپ نه ڪري سگهيو، جنهن کانپوءِ ڪنوار شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪنوار جي ڀاءَ موهت موجب مان پنهنجي 21 ورهين جي ڀيڻ جي شادي 23 ورهين جي نوجوان سان طئي ڪئي هئي، پنڊت نوجوان جي ذهني حالت بابت شڪ شبهن جو اظهار ڪيو هو پر مٽن مائٽن جي دلجاءَ تي اسان شادي لاءِ راضي ٿياسين.

هن ٻڌايو ته شادي ڏينهن گهوٽ جي ذهني حالت کي جاچڻ لاءِ کيس 10 رپين جي 30 نوٽ ڳڻڻ لاءِ ڏناسين ۽ ڪوششن باوجود هو نه ڳڻي سگهيو، جنهن کانپوءِ ڪنوار شادي کان انڪار ڪندي اٿي وئي.

ان موقعي تي ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو به ٿيو پر پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، پوليس ٺاهه جي به ڪوشش ڪئي پر ڪنواريتا شادي لاءِ راضي نه ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.