نوازالدين صديقي جي ماءُ ننهن تي ڪيس ڪري ڇڏيو

بالي ووڊ جي اسٽار اداڪار نوازالدين صديقي جي ماءُ ملڪيت جي تڪرار تي پنهنجي نهن عاليا خلاف ڪيس ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب نوازالدين صديقي جي ماءُ مهرالنسا صديقي ويرسوا پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي نهن عاليا خلاف ڪيس ڪرايو آهي.

رپورٽ موجب ويروسوا پوليس عاليا کي نوازالدين صديقي جي ماءُ سان ملڪيت جي تڪرار تي جهيڙي جي الزام ۾ پڇاڳاڇا لاءِ طلب ڪيو.

عاليا 2020 ۾ نوازالدين صديقيءَ کي طلاق لاءِ قانوني ڪارروائي جو نوٽيس موڪليو هو، جنهن ۾ عليحدگي جو سبب گهرو تشدد ڄاڻايو، ان سان گڏ هن اهو به انڪشاف ڪيو ته نوازالدين صديقي نه پر سندس ڀاءُ شمس صديقي چماٽ هنئي.

ان کانپوءِ 2021 ۾ عاليا نوازالدين صديقي کان طلاق جو فيصلو واپس ورتو هو ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته ان کان اڳ هو پنهنجي ٻارن تي ڌيان نه ڏيندو هو،جڏهن ته هاڻي سندس ڪوشش هوندي ته گڏيل سهڪار سان مسئلا حل ٿين ۽ غلط فهميون ختم ٿي وڃن.

عاليا پاران به شادي شده زندگي ۾ بهتري جي خواهش کانپوءِ نوازالدين به پهريون ڀيرو ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن ٻڌايو ته هو پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندو، هوءَ سندس ٻارن جي ماءُ آهي، هڪ ڏهاڪو گڏ گذاريو آهي، هر معاملي تي ساٿ ڏيندس چاهي ڪجهه به ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.