اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڪرو وڌي ويو.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڪري ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن اڳواڻ عبدالماجد موجب 50 سيڪڙو پيٽرول پمپن تي پيٽرول ۽ ڊيزل ختم ٿي چڪو آهي، جنريٽر لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل وٺندڙن جي پمپن تي رش لڳل آهي.
واضح رهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون کي 13 ڪلاڪ ٿي ويا آهن ۽ وڏو حصو اڃا تائين بجلي کان محروم آهن.