طبي ماهرن وزن گهٽائڻ جي خواهشمندن جي غلط فهمي ختم ڪندي چيو آهي ته کاڌي ۾ ڊگهو وقفو ڪرڻ سان وزن ناهي گهٽجندو.
ٿولهه جو شڪار ماڻهو کاڌي ۾ وقفو ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان سندن وزن وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي ويندو پر تازي تحقيق ۾ ماهرن ٻڌايو آهي ته ان جو ڪو فائدو ناهي.
طبي رسالي ”جاما“ ۾ پڇيل هڪ تحقيق ۾ آمريڪي ماهرن کاڌي جي وقفي ۽ وزن ۾ گهٽتائي جي تعلق کي ڏسڻ لاءِ 547 رضاڪارن تي 6 سال تحقيق ڪئي.
تحقيق سان خبر پئي ته هڪ کان ٻئي کاڌي ۾ گهڻو وقفو ڪرڻ سان وزن ناهي گهٽندو.
ماهرن موجب نتيجن سان خبر پئي آهي ته گهٽ کائي وزن گهٽائي سگهجي ٿو، باقي دير سان کائڻ يا کاڌي ۾ ڊگهو وفقو ڪرڻ سان ڪو فرق نٿو پئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته کاڌي ۾ ڊگهو وقفو ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ کائڻ وزن وڌڻ جو بنيادي سبب آهي.