آمريڪي گلوڪارا هڪ ڪلاڪ ۾ پوڻا 6 ارب ڪمائي ورتا

 

ناليواري آمريڪي گلوڪارا بيونسي تقريبن 4 سالن کانپوءِ دنيا ۾ ڪنهن تقريب ۾ پرفارمنس ڪري رڳو هڪ ڪلاڪ ۾ 5 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ رقم ڪمائي ورتي.

41 ورهين جي بيونسي عام طور تي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پرفارمنس جا اڍائي کان 5 لک ڊالر وصول ڪندي آهي پر هن ڀيري کيس ڏهوڻ کان وڌيڪ رقم ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب بيونسي دبئي رياست جي مهانگي علائقي الجميرا ۾ کوليل دنيا جي نئين مهانگي ترين هوٽلن ۾ شمار ٿيندڙ هوٽل ۾ پرفارمنس ڏني.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيونسي هوٽل جي افتتاحي تقريب کان اڳ ڪلاڪ ۾ پنهنجي مشهور گانن تي پرفارمنس ڏني ۽ کيس رڳو هڪ ڪلاڪ جا ٻه ڪروڙ 40 لک ڊالر ڏنا ويا، جيڪي پاڪستاني 5 ارب 80 ڪروڙ رپين تائين ٿين ٿا.

رپورٽ موجب بيونسي کي ڄاڻايل هوٽل ۾ رهائش لاءِ اهڙا ڪمرا ڏنا ويا، جن جو هڪ رات جو ڪرايو هڪ لک آمريڪي ڊالر هو.

هوٽل جي افتتاحي تقريب ۾ رڳو انهن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي، جن کي هوٽل انتظاميا طرفان دعوت ڏني وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.