آمريڪا ۾ آنن جا اگهه اوچتو آسمان کي ڇُهڻ لڳا آهن جنهن بعد هڪ درجن آنن جي قيمت پوڻا ڇهه ڊالر ( پاڪستاني تيرنهن سئو رُپيا ) ٿي وئي آهي .
سرڪاري انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ هڪ سال دوران کاڌي پيتي وارين شين جا اگهه ڇهه ڏهائي پنج سيڪڙو تائين وڌي چُڪا آهن جڏهن ته آنن جي قيمتن ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺ سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آنن جي اگهه ۾ واڌ جو اهم ڪارڻ برڊ فلو ٻڌايو پيو وڃي، وائرس تي ظابطو آڻڻ لاءِ گذريل سال پنج ڪروڙ اسي لک ڪڪڙن کي ضائع ڪري ڇڏيو هو.