حقدار جوڙن لاءِ 12 ارب 50 ڪروڙ رپين جي امداد

 

گڏيل عرب رياستن ۾ گذريل سال شادي ڪندڙ حقدار جوڙن کي 12 ارب 50 ڪروڙ رپين جي امداد ڏني وئي.

سماجي ڀلائي واري وزارت موجب شادي ڪرڻ تي هڪ حقدار جوڙي کي 70 هزار درهم جي امداد ڏني ويندي آهي، پاڪستاني ڪرنسي ۾ اها رقم 43 لک رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي، 2022 ۾ ٻه هزار 844 جوڙن کي شادي ڪرڻ تي امداد ڏني وئي، جڏهن ته 2021 ۾ اهو انگ 2 هزار 727 هو.

خليج ٽائمز موجب امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار گڏيل عرب رياستن جا رهواسي هجن، گهوٽ جي عمر 21 ۽ ڪنوار جي 18 سالن کان گهٽ نه هجي، جڏهن ته گهوٽ جي آمدني 50 هزار درهم (15 لک رپين) کان وڌيڪ نه هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.