سستو اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ ٻيو شخص حياتي وڃائي ويٺو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سستو اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ ٻيو شخص حياتي وڃائي ويٺو.

لاهور جي علائقي سانده ۾ يوٽيلٽي اسٽور تي سستو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل شخص دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

53 ورهين جو محمد سهيل اٽي وٺڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور ويو هو، ان دوران سندس طبعيت بگڙي وئي ۽ ٿڌي تي فوت ٿي ويو.

واضح رهي ته سستي اٽي جي ڪوشش ۾ اها پهرين فوتگي ناهي، 7 جنوري تي ميرپورخاص ۾ مالهي ڪالوني جو 40 ورهين جو مزدور هرسنگهه ڪولهي به حياتي وڃائي چڪو هو، جڏهن ته 10 جنوري تي فيصل آباد ۾ نشاط ڪالوني واسڻ 6 ٻارن جي ماءُ نسرين بي بي به فوت ٿي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.