گارين سان استعيفائون ڏيندڙ هاڻ واپسيءَ لاءِ بيچين آهن: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته انهن استعيفائون گارگند سان گڏ ڏنيون هيون، هاڻ اهي ئي استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ بيچين آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته عمران خان ۾ شرم ۽ حيا نالي ڪا شئي ناهي، چئي ٿو هاڻ 70 سيٽن تي چونڊ وڙهندو ۽  پوءِ استعيفيٰ ڏيندو، ڪو عقل وارو اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهي، عمران خان جو ذهني توازن درست ناهي.

هن چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ اسان جي نالن تي اعتراض ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ قانوني طريقي سان مقرري ڪئي، پي ٽي آءِ جي اعتراض جو ڪو آئيني جواز ناهي، پرويز الاهي هن عمر ۾ پنهنجي مائٽن خلاف ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.