شرڌا ڪپور ۽ رنبير ڪپور جي نئين فلم جو ٽريلر اچي ويو

بالي ووڊ جي نئين ايندڙ ڪاميڊي رومينٽڪ فلم ”تو جهوٽي مين مڪار“ جو ٽريلر جاري ٿيو ويو، فلم 8 مارچ تي ن،ائش لاءِ پيش ٿيندي.

<p>اسکرین شاٹ</p>

رپورٽ موجب بالي ووڊ جي نئين ايندڙ فلم “تو جهوٽي مين مڪار” جو ٽريلرجاري ٿي ويو آهي. فلم ۾ رنبير ڪپور ۽ شرڏا ڪپور هڪ ٻئي سان رومينس ڪندي نظر ايندا.

فلم جي ٽريلر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻئي اداڪار هڪ ٻئي سان فلرٽ ڪندي نظر اچن ٿا. شرڌا جو هڪ هنڌ ڊائيلاگ آهي ته اڄ ڪلهه رليشن شپ ۾ اچڻ سولو آهي پر ان مان نڪرڻ مشڪل آهي، ان مان فلم جي ڪهاڻي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ان فلم کي مداح 8 مارچ تي سينيما گهرن ۾ ڏسي سگهندا، فلم جو پوسٽر 1949 جي ڀارتي فلم ”برسات“ جهڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.