ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 950 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 88 هزار 150 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون 814 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 61 هزار 308 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3 ڊالر گهٽجي 1924 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.