لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪوڪ اسٽوڊيو ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ گلوڪار ڪيفي خليل جو گاني ”ڪهاني سنو“ تي ڀارتي اداڪارا جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
بگ باس سيزن 14 جي اداڪارا جيسمين ڀاسين انسٽاگرام تي ڪيفي خليل جي مشهور گاني ”ڪهاني سنو“ تي وڊيو شيئر ڪئي آهي، وڊيو ۾ اداڪارا کي اڇي رنگ جي خوبصورت فراڪ ۾ ٻيڙي تي سفر ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
View this post on Instagram
سوشل ميڊيا واهپيدار اداڪارا جي ان وڊيو کي ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي واهپيدار اهو چئي رهيا آهن ته ”ڀارت هاڻ ان گاني کي ڪاپي ڪندو“.