پنجاب جو نگران وڏو وزير بنا پروٽوڪول جي ايوان وزيراعليٰ پهتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي بنا پروٽوڪول جي ايوان وزيراعليٰ پهتو، جتي هن آفيسرن سان ملاقات ڪئي.

محسن نقوي نگران ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ به مشاوت ڪئي، پهرئين مرحلي ۾ گهرو، اطلاعات، ناڻي، قانون، خوراڪ ۽ صحت جون وزارتون جوڙيون وينديون.

نگران ڪابينا جي 6 وزيرن طرفان سڀاڻي حلف کڻڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.