ڪراچي: پسند پرڻو ڪرڻ تي پيءَ پنهنجي ڌيءَ کي عدالت ۾ ئي قتل ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پسند پرڻو ڪرڻ تي عدالت ۾ پيشي تي ايندڙ ڌيءَ کي پيءَ فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.

واقعو سٽي ڪورٽ جي احاطي ۾ گيٽ نمبر 4 وٽ پيش آيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ خوف هراس پکڙجي ويو، واقعي ۾ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل سميت ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، زخمين کي اسپتال نيو پئي ويو ته ناري دم ڏئي ڇڏيو.

فائرنگ جو اطلاع ملندي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ فرار ٿيندڙ جوابدار کي پڪڙي ورتو، مارجي ويل ڇوڪري جي سڃاڻپ 20 ورهين جي حاجرا جي نالي سان ٿ ي، جڏهن ته زخمين ۾ 40 ورهين جو هيڊ ڪانسٽيبل عمران زمان ۽ ملاقات لاءِ سٽي ڪورٽ ايندڙ 20 ورهين جو واجد خان شامل آهن.

پوليس موجب مقتولا ناري منگهي پير روڊ ڪنواري ڪالوني جي رهواسڻ هئي ۽ هن 3 جنوري تي گهران نڪري سيد جواد حسين نالي نوجوان سان پسند پرڻو ڪيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جي پيءَ پنهنجي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس 10 جنوري تي پير آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو هو.

ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار ان حوالي سان ٻڌايو ته مقتولا ناري پير آباد انويسٽيگيشن ۾ مقرر هيڊ ڪانسٽيبل عمران زمان سان گڏ سٽي ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ آئي هئي، پيءُ سندن پيڇو ڪري رهيو هو، ڇوڪري جيئن ئي احاطي ۾ داخل ٿي ته جوابدار فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب 65 ورهين جي جوابدار امير زمان مسعود کي هٿيار سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي واري هنڌان 3 خول به مليا آهن، جوابدار ڌيءَ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي.

ايس ايس پي چيو ته گيٽ نمبر چار تان ڪنهن کي داخلا جي اجازت ناهي، اتي موجود هيڊ ڪانسٽيبل خيبر زمان کي معطل ڪري ان خلاف انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.