اسپاٽي فاءِ به 6 سيڪڙو ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو

اسپاٽي فاءِ سڄي دنيا ۾ ڪمپني جي 6 سيڪڙو ملازمن کي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽ موجب اسپاٽي فاءِ جي سي اي ايو ڊينيل ايڪ ملازمن کي ميمو ۾ اعلان ڪيو، ڪمپني جا سڄي دنيا ۾ 9800 کان وڌيڪ ملازم آهن جنهن جو مطلب ڪل 600 ماڻهن کي نوڪري مان نيڪالي ملندي.

واضح رهي ته عالمي اقصادي سستي سبب تازو ڪجهه مهينن جي دوران مختلف ٽيڪنالوجي ڪمپنين پاران هزارين ملازمن کي نيڪال ڪيو ويو آهي.

گذريل هفتي گوگل پاران 12 هزار ماڻهن کي نيڪال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جڏهن ته ان کان او ايمازون، مائيڪرو سافٽ، ميٽا ۽ ٽوئيثر پاران به ايئن ڪيو ويو هو.

اسپاٽي فاءِ جي سي اي او ميمو ۾ چيو ته اداري ۾ تبديلين سبب ملازمن کي نيڪال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان خرچ ۾ گهٽتائين ٿيندي جڏهن ته فيصلا سازي تيز ٿيندي.

سندن چوڻ هو ته متاثر ملازمن کي 5 مهينن جي پگهار ڏني ويندي جڏهن ته ايترين مهينن تائين انهن جا ميڊيڪل خرچ ادا ڪيا ويندا.

هن چيو ته ڪمپني کي موجوده حالتن تائين پهچائن جي سڄي ذميواري هو پاڻ کڻي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.