ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفاقي وزير شيري رحمان جو آپريشن ٿيو آهي.
شيري رحمان آچر ڏينهن سمنڊ تي گهمندي ڪِري پئي هئي ۽ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي.
ذريعن موجب شيري رحمان جي ٻانهن جي هڏي کي نقصان پهتو هو، جنهن جو اسپتال ۾ آپريشن ٿيو.