برطانوي وزيراعظم جو چالان ٿيو، توهان ڊي سي جو چالان ته ڪري ڏيکاريو: جسٽس فائز عيسيٰ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان جو ٻيڙو ئي ايمنسٽي ٻوڙيو آهي.

جعلي نمبر پليٽ واري گاڏي خلاف ڪسٽمز جي اپيل تي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي.

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ايمنسٽي ڏيڻ جو اختيار پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي کي حاصل آهي، صوبو چئي ٿو ته اسان گاڏي اسان جي اختيارن جي دائري ۾ ٿي اچي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪسٽمز جي وڪيل کان پڇيو ته توهان سمهي رهيا آهيو يا پنهنجون پوسٽون کپائي رهيا آهيو؟ گاڏي ڪير جيپ ۾ وجهي ناهي آڻيندو، نه ئي اڏي ايندي آهي، جڏهن گاڏي اچي ويندي آهي ته ان جي پويان پئجي ويندا آهيو، گاڏي آئي ڪيئن؟ ان جو ڪو جواب نه پيو ڏئي، توهان ٿورو چمن بارڊر تي وڃو ۽ ڏسو گاڏي ڪيئن ٿي اچي.

هن ريمارڪس ڏنا ته توهان قانون ٻڌايو، عدالت قانون ناهي ٻڌائيندي پر ان جي تشريح ڪندي آهي، وڪيل چيو ته جيڪا گاڏي غير قانوني طريقي سان ايندي آهي، اها ڪسٽمز جي اختيارن جي دائري ۾ ايندي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو پر توهان اهو جواب نٿا ڏيو ته گاڏي آئي ڪيئن؟ توهان جي اپيل پنهنجي ٽيڪس وصولي هجڻ گهرجي، توهان گاڏي جي پويان پئجي ويا.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو ٻيڙو ئي ايمنسٽي ٻوڙيو آهي، ون ٽائم ايمنسٽي ڪا 100 ڀيرا ٿي چڪي آهي، هر ادارو ايمنسٽي ڏئي رهيو آهي، اسان نالائق آهيون، گاڏيون نٿا روڪي سگهون ان ڪري ايمنسٽي ڏئي رهيا آهيون، اسان ايف بي آر کان ڊيٽا گهرائي ٿا وٺون ته اڄ تائين ڪيترين گاڏين تي ايمنسٽي ڏني وئي.

جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته ڪسٽمز جي قانون تحت ايمنسٽي ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو سون، چاندي جي سمگلنگ جي ته سمجهه اچي ٿي پر گاڏي ڪيئن سمگل ٿي سگهي ٿي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسلام آباد جي روڊن تي عجيب نمبر پليٽن واريون گاڏيون هلي رهيون آهن، انهن گاڏين وارا شايد تمام گهڻا طاقتور آهن، نه ڪسٽمز وارا چيڪ ڪندا آهن نه پوليس، توهان قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، برطانوي وزيراعظم جو سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ سبب چالان ٿيو، هن معافي به گهري، توهان پنهنجي وزيراعظم ته پري ته ڳالهه ڪنهن ڊي سي يا سي ڊي اي آفيسر جو چالان ڪري ڏيکاريو.

سپريم ڪورٽ جعلي نمبر پليٽ واري گاڏي ضبط ڪرڻ جي پاڪستان ڪسٽمز جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ڪسٽمز 1998 ماڊل جي هينو ٽرڪ 2018 ۾ پڪتي هئي، اپيليٽ ٽربيونل فيصلو ڪسٽمز خلاف ڏنو هو، جنهن تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.