آءِ سي سي پاڪستان آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي راولپنڊي جي وڪيٽ بابت پاڪستان جو موقف مڃي ورتو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل راولپنڊي وڪيٽ کي  ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو ۽ چيو ته اپيل تي جائزي بعد طئي ٿيوته وڪيٽ ” بيلو ايوريج “ نه هئي.

آئی سی سی نے پاکستان اور انگلینڈ ٹیسٹ کے بعد راولپنڈی پچ کو ڈی میرٹ پوائنٹ دیا تھا— فوٹو:فائل

آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ميچ جو نتيجو نڪتو، 39 مان 37 وڪيٽون ورتيون ويون.

آءِ سي سي پاڪستان ۽ انگلينڊ ٽيسٽ کانپوءِ راولپنڊي کي ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني هئي پر نجم سيٺي عهدو سنڀالڻ کان پوءِ آءِ سي سي جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي هئي.

ياد رهي ته گذريل مهيني  پنڊي ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پهرين ڏينهن پنج سئو رنسن کان وڌيڪ اسڪور ڪيو هو جڏهن ته ان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏني جڏهن ته گذريل سال آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران به پنڊي جي پچ کي ڊي ميرٽ پوائنٽ ملي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.