ايشيا جو امير ترين ماڻهو ڇو چيٽ جي پي ٽي جو عادي بڻجي ويو؟

ايشيا جي امير ترين ماڻهو گوتم اڏاڻي به چيو ته هو چيٽ جي پي ٽي جو عادي ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب چيٽ جي پي ٽي آرٽيفيشل انٽيليجنس(اي آءِ) ٽيڪنالوجي سان ليس هڪ نئون طاقتور چيٽ بوٽ آهي جيڪو ماڻهن سان انسانن وانگر رابطو ڪندڙ روبوٽ آهي.

هڪ پوسٽ ۾ گوتم اڏاڻي لکيو ته چيٽ جي پي ٽي جو اچڻ دنيا کي بدلجڻ وارو لمحو آهي ڇاڪاڻ ته هن جا ٽول مختلف صلاحيتون رکن ٿا.

هن اعتراف ڪيو ته جڏهن کان هن چيٽ جي پي ٽي جو استعمال ڪيو آهي هو ان جو عادي ٿي ويو آهي.

هڪ ٽول هڪ ڪمپني اوپن اي آءِ تيار ڪيو هو جنهن کي نومبر 2022 ۾ عام ماڻهن لاءِ متعارف ڪيو ويو هو.

هن ٽول سان نوان تڪرار سامهون آيا ڇاڪاڻ ته انسانن کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ مضمون لکڻ، ڪهاڻيون، گانن جي شاعري لکڻ واريون صلاحيتون هيون، جنهن سان خدشو هو ته مستقبل ۾ ماڻهن جي روزگار کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

جڏهن ته ڪجهه ماڻهن توقع ڪئي ته هن ٽول سان ملازمن کي وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

گوتم اڏاڻي چيو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي جي ڊڪ ۾ چين کي آمريڪا کان وڌيڪ بلندي حاصل آهي ڇاڪاڻ ته چيني ماهرن پاران 2021 ۾ ان موضوع تي آمريڪي ماهرن جي ڀيٽ ۾ چين جي ماهرن وڌيڪ مضمون لکيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.