18 جنوري تائين گهرايل درآمدي سامان ڪليئر ڪرڻ جي هدايت، خوراڪ، دوائون ۽ توانائي ترجيح

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ، بئنڪن کي 18 جنوري تائين گهرايل سامان 31 مارچ تائين ڪليئر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڪمرشل بئنڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته واهپيدارن کي درآمدي سامان خريدڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو پابند بڻايو وڃي.

اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بئنڪن کي درآمدي دستاويز ڪليئر ڪرڻ جو طريقي ڪار فراهم ڪيو آهي، بئنڪن کي خوراڪ، دوائن ۽ توانائي وغيرا جي درآمدن کي ترجيح ڏيڻ جو چيو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ موجب ڪاروباري طبقي بندرگاهه تي درآمدي مال ڦاسڻ جي نشاندهي ڪئي آهي، شپنگ دستاويز ڪليئر نه هجڻ سبب بندرگاهه تي مال ڦاٿل آهي، جنهن تي بئنڪن کي چيو آهي ته 180 يا ان کان وڌيڪ ڏينهن جي ادائيگين جو درآمدون اڳ ڪليئر ڪيون، بئنڪون ناڻي مٽاسٽا جو انتظام ڪري ادائيگي ڪندڙن جا دستاويز ڪليئر ڪن.

اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته بئنڪن کي 18 جنوري تائين گهرايل سامان 31 مارچ تائين ڪليئر ڪرڻ جو چيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته رپورٽ تي پهتل شپمنٽ جا دستاويز ڪليئر ڪيو، بئنڪن کي اها به هدايت ڪئي آهي ته واهپيدارن کي درآمدي سامان خريدڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو پابند بڻائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.