اهم خبر، ٽِڪ ٽاڪ تي وڊيوز وائرل ڪئين ٿينديون آهن؟ عالمي رسالي وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

ٽِڪ ٽاڪ فاريو پيج ۾ وڊيوز رڳو انڪري نظر ناهن اينديون ڇاڪاڻ ته الگورٿم کي ڄاڻ هوندي آهي ته اوهان اهڙي قسم جو مواد پسند ڪندا آهيو.

حقيقت ۾ ڪمپني جو هڪ خاص فيچر به ان ڏس ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندو آهي.

آمريڪي رسالي فوربز ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ موجب ٽِڪ ٽاڪ جا ملازم امڪاني وائرل وڊيو کي ڦهلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.

رپورٽ ۾ ٽِڪ ٽاڪ 6 موجودا ۽ اڳوڻن ملازمن بابت ڄاڻايو ويوآهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو عملو هيٽنگ نالي فيچر کي استعمال ڪري اهڙين وڊيوز جي چونڊ ڪندو آهي جيڪي وائرل ٿي سگهن ٿيون.

رپورٽ موجب هيٽنگ فيچر ذريعي وڊيوز کي فاريو پئج ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان وڊيوز تي مخصوص انگ تائين ويوز کي وڌائي سگهجي.

ٽِڪ ٽاڪ جي هڪ ترجمان فيچر جي تصديق ڪندي چيو ته اسان ڪجهه وڊيوز کي پروموٽ ڪري پنهنجي مواد جو انگ وڌائيندا آهيون ۽ واهيپدارن کي مختلف تخليقڪارن سان متعارف ڪرائيندا آهيون.

ترجمان موجب ٽِڪ ٽاڪ طرفان واءِ ديس وڊيو فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن تجويز ڪيل مواد وارو عمل وڌيڪ شفاف بڻائي سگهجي.

فوربز رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽِڪ ٽاڪ ملازم هيٽنگ فيچر کي تخليقڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ، مواد جو انگ وڌائڻ ۽ اهم تفصيل کي ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.

عام طور تي ان فيچر تحت اهڙين وڊيوز تي ڌيان ڏنو ويندو آهي جيڪي ريڪو مينڊيشنز الگورٿمز نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.