ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 48 پئسا مهانگو ٿيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو قدر 230 رپيا 15 پئسا رهيو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 50 پئسا وڌيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 240.50 رپين جو ٿي ويو آهي.