اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ واڌ جو ا علان ڪري ڇڏيو.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس دوران مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ اها 16 مان وڌي 17 سيڪڙو ٿي ويندي.

سندس موجب ڪميٽي جو خيال هو ته مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي وڃي، مهانگائي جو زور آهي، قيمت جو استحڪام ضروري آهي.

هن چيو قرضن جي ادائيگين سان ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرا گهٽ ٿيا آهن، 15 ارب ادا ڪري ڇڏيا آهن، مالي سال جي باقي مهينن ۾ 8 ارب ڊالرن جون ادائيگيون آهن، 3 ارب ڊالر رول اوور ٿي ويندا.

جميل احمد ٻڌايو ته 6 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 3.7 ارب ڊالر آهي، هلندڙ مالي سال اسان جي ضرورت 33 ارب ڊالرن جي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته ڪنٽينر ڦاسڻ جو سبب اسٽيٽ بئنڪ جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ آهي، ڦاٿل ڪنٽينر ڪڍڻ لاءِ ايسوسيئيشنز کان تفصيل ورتا، ڪنٽينر رليز ڪرڻ جو طريقي ڪار بئنڪن کي ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.