” شهرين کي ڏوهارين کان ڇوٽڪارو ڏياريو، ڪراچيءَ جي خدمت ڪئي، اڄ الله ۽ جج مون سان اانصاف ڪيو“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ عدالت مان بري ٿيندڙ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو آهي ته ان ڪيس ۾ مون سان ناانصافي ٿي پر اڄ الله ۽ جج انصاف ڪيو.

نقيب  الله قتل ڪيس ۾ بري ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رائو انوار جو چوڻ هو ته اڄ هڪ ڪوڙو ڪيس پنهنجي انجام تي پهتو.

هن چيو ته پوليس مقابلي ۾ جنهن کي گولي لڳي اُهو هڪ اشهتاري جوابدار هو، مقتول جو نالو نسيم الله هو پر ان جي غلط تصوير ميڊيا تي هلائي وئي.

سندس چوڻ هو ته هن ڪوڙي ڪيس ۾ پنجويهه ماڻهن کي نامزد ڪيوويو، مون سان ۽ ڪراچي شهر سان وڏي زيادتي ٿي، پر اڄ الله ۽ جج مون سان انصاف ڪيو.

اڳوڻي ايس ايس پي ملير وڌيڪ چيو ته ڪيس جي حوالي سان مان ٽي وي چئنلز تي ٽاڪ شوز ڪندس ۽ انٽرويوز به ڏيندس، مان ڪراچي جي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي، ڪيترن ئي ظالمن کان هن شهر کي ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، جيستائين جيئرو آهيان پنهنجو ڪم جاري رکندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.