اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل گرڊ ۾ خرابي سبب ڪراچي، لاهور۽ اسلام آباد سميت ملڪ جا ڪيئي علائقي بجلي کان محروم ٿي ويا.
توانائي واري وزير خرم دستگير جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بحالي لاءِ رات 10 وڳي تائين ڊيڊ لائين مقرر ڪئي آهي.
اسلام آباد، پشاور، ملتان ۽ سکر ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز جزوي طور بجلي بحال ڪئي آهي جڏهن واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ سان بجلي جي جلد کان جلد بحالي لاءِ رابطي ۾ آهيون، ڪوشش آهي ته طئي ٿيل ڊيڊ لائن کان اڳ بجلي بحال ڪئي وڃي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح ساڍي ست وڳي بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهر جو 90 سيڪڙو حصو بجلي کان محروم آهي.
ابتدائی اطلاعات کے مطابق آج صبح 7:34 پر نیشنل گرڈ کی سسٹم فریکوئنسی کم ہوئ جس سے بجلی کے نظام میں وسیع بریک ڈاؤن ہوا
سسٹم کی بحالی پر کام تیزی سےجاری ہے— Ministry of Energy (@MoWP15) January 23, 2023
ڪي اليڪٽرڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ ۾ خلل بريڪ ڊائون جو امڪاني سبب آهي، بجلي جي مڪمل بحالي ۾ پنج کان ڇهه ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.
*کراچی پاور اپڈیٹ 1 – بروز 23 جنوری 2023۔ صبح 9:15 بجے*
اطلاعات کے مطابق آج صبح 7:34 نیشنل گرڈ میں فریکوئینسی کم ہونے کے باعث متعدد شہروں کو بجلی فراہمی متاثر ہوئی۔ ترجمان کےالیکٹرک
اسکا اثر کے الیکٹرک کی ٹیرٹری پر بھی آیا جس سے کراچی کو بجلی فراہمی متاثر ہوئی ہے۔ ترجمان (1/2)
— Imran Rana, Spokesperson, K-Electric (@imranrana21) January 23, 2023
ڪراچي واٽر بورڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر کي پاڻي جي پمپنگ به متاثر ٿي آهي.
ان کانسواءِ شهر ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ڪم متاثر ٿيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رڳو عدالتي ڪمري ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته بجلي نه هجڻ سبب نئين درخواست داخل ڪرڻ ۽ تصديق وارو عمل سخت متاثر ٿيو آهي.
وارسک سے گرڈ سٹیشنوں کی بحالی کا آغاز کر دیا گیا ہے اور پچھلے ایک گھنٹے میں اسلام آباد سپلائی کمپنی اور پشاور سپلائی کمپنی کے محدود تعداد میں گرڈ بحال کر دئے گئے ہیں
— Ministry of Energy (@MoWP15) January 23, 2023
سنڌ جي راڄڌاني جن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي انهن ۾ گلستان جوهر، گلشن جمال، راشد منهاس روڊ، رونگي، ملير، قيوم آباد، گذري، ڊفينس، اولڊ سٽي ۽ ٻيا علائقا شامل آهن.
ٻئي پاسي بلوچستان جي سمورن ضلعن ۾ به بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني ( ڪيسڪو ) اختيارين ٻڌايو ته گڊو کان ڪوئيٽا ايندڙ بجلي جون ٻئي ٽرانسميشن لائنون ڪري پيون آهن جنهن ڪري صوبي جو وڏو حصو بجلي جي سهولت کان محروم ٿي ويو آهي.
ڪيسڪو چيف جو چوڻ آهي ته گڊو ۽ ڊي جي خان کان ايندڙ سپلاءِ لائين ٽرپ ڪري ويون جنهن سبب بلوچستان بجلي کان محروم ٿي ويو، فني خرابي بابت وڌيڪ معلومات وٺي رهيا آهيون.
لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ذريعن موجب لاهور سميت سمورا وڏا توڙي ننڍا شهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن، شروعاتي ڄاڻ موجب ڏکڻ ۽ اتر وارن مين لائنز ۾ هڪ ئي وقت فالٽ پئجي ويو آهي، بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب اورنج لائن ٽرين کي بند ڪيو ويو آهي.
شهباز شريف جو سخت نوٽيس، جاچ جو حڪم
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو سخت نوٽيس وٺندي اعلي سطحي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي ۽ توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير کان ان جي فوري رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.
وزيراعظم مُلڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بجلي جو ايڏو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي ڪارڻن کان آگاهه ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي.
شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين.
نيپرا جو نوٽيس
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انتظاميا مُلڪ ۾ بجلي جي بحران جو نوٽيس وٺندي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني ( اين ٽي ڊي سي ) کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نيپرا ترجمان موجب نيپرا 2021ع ۾ ٿيل بجلي بليڪ آئوٽس تي ڏنڊ لاڳو ڪندي رهي آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مسلسل تجويزون ۽ هدايتون پڻ ڏيندي رهي آهي.