لطيف لالا ۽ خالد چوڌري جو رزميھ

امتياز عالم

حشر جو ھفتو ھو! پنجاهه سالن جي انقلابي جدوجهد جو ساٿ ٽٽي ويو.ھڪ پراڻو ساٿي خواجھ احسان، جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو ھو ۽ وري ڪڏهن به واپس نه آيو. ساڳئي هفتي ساٿي عبداللطيف آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي بار روم ۾ قتل ڪرايو ويو ۽ لاهور ۾ صحافين جو اڳواڻ خالد چوڌري وڇوڙي جو داغ ڏئي ويو، انهن دوستن جي رحلت  دل ۽ روح کي تڙپائي ڇڏيو آهي ۽ انهن سان لاڳاپيل يادن جي رزميھ جون يادگيريون  آهن جيڪي اڀري اچي رھيون آھن.گھڻو ڪري افضل بنگش کان پوءِ خيبرپختونخواهه ۾  لطيف لالا کان وڌيڪ ڪو به کاٻي ڌر جو مقبول اڳواڻ نه هو ۽ خالد چوڌري انهن نوجوانن ۾ نمايان هو، جن ايوب ۽ ضيا جي آمريتن خلاف وڙهندي جدوجهد ڪئي، جن ظلم جي اونداهيءَ وادي  ۾ آزادي جا چراغ روشن ڪيا. ٻنھي جي جدوجھد هڪ روشن خيال، عوامي جمهوريه لاءِ ھئي جيڪا استحصال ۽ آمريت کان آزاد هجي. هڪڙو پختون هو ۽ ٻيو پنجابي، پر حياتي جو نظريو ۽ مقصد ساڳيو هو. انهن ٻنھي انقلابين کي مان 1968ع جي عوامي اڀار جي وقت کان  سڃاڻان ٿو ۽ اسان ساڳئي سفر جا پانڌيئڙا رھياسين.

ايوبي آمريت خلاف نوجوانن جي جدوجهد ۾ لاهور ۾ خالد چوڌري، ڪراچي ۾ معراج محمد خان، پشاور ۾ لطيف آفريدي، حيدرآباد ۾ رسول بخش پليجو، ڪوئيٽا ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا ئي روڊن رستن تي نڪري آيا ھئا ۽ هر طرف نعرا هنيا ويا. ايشيا سرخ  آهي ۽ ٻيا سوشلزم جا نعرا گونجي رهيا هئا. ايوب آمريت کي وڃڻو پيو ھو  ۽ بقول منير نيازي: اڪ اور  درياهه ڪا سامنا ٿا مجھھ ڪو،مين دريا پار ڪري ڪھ اترا تو مين ني ديکا… ايوب خان جي جاءِ تي جنرل يحيٰ خان مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر  ٿي اچي ويو. 1970ع جون چونڊون ٿيون ۽ ملڪ جي ٻنهي پاسي، ترقي پسند، سيڪيولر ۽ قومپرست پارٽيون ڪامياب ٿيون، پر نصيب ۾ آيل تاريخ جي بدترين فوج ڪشي ۽ اجر ۾ ملي  بنگلاديش جي آزادي ۽اولھھ پاڪستان کي  1973ع جو آئين جمهوريه جي صورت ۾ مليو. کاٻي ڌر مشرقي پاڪستان ۾ قربان ٿي،تھ اولھھ پاڪستان ۾ به جمهوريھ جي قيام وارو ڪم ٿيو.

اسان سڀني اوڀر پاڪستان ۾ فوجي قتل عام جي مخالفت ڪئي ۽ يحيٰ خان جي آمريت جو نشانو بڻياسين . پوءِ ڀٽو صاحب جو پاپولسٽ دور آيو، ماڻهن سمجهيو ته بس انقلاب اچي ويو آهي، مزدور ڪارخانن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هارين بيگار کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪچا پڪا سڌرارا ٿيا ۽ آخر ۾ خون ۾ ٻڏل شام. جن انقلابين ڀٽو جي لبرل کاٻي ڌر جي پاپولزم کي ڪلھو ڏنو  هو، اهي سڀ هٿ مھٽيندا رھجي ويا.پيپلز پارٽي ۽ نيپ جي وچ ۾ جھيڙو ڇا ٿيو، جنهن مستقبل جي ضيائي وحشياڻي آمريت جي لاءِ قومي اتحاد جي ”نظام مصطفيٰ“ جي ساڄي ڌر جي تحريڪ  جو رستو صاف ڪري ڏنو.غوث بخش بزنجو جي چوڻ موجب قومپرست (نيپ)جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي فوج جي هنج  ۾ هليون ويون. ڀٽو صاحب جو کاٻي ڌر ۽ قومپرستن سان ٽڪراءُ جمهوريت جي زوال جو سبب بڻيو ۽ جڏهن ضياءُ الحق جي مارشل لا  ڊگھي ٿي وئي، تڏهن کاٻي ڌر جا ڪارڪن ۽ پيپلز پارٽيءَ جا جيالا ئي ھئا جيڪي  بهادريءَ سان ظلم ۽ جبر جي خلاف اٿيا ۽ ڄمي بيھي رھيا. جن ۾ مرتضيٰ ڀٽو، لطيف آفريدي، خالد چوڌري، نذير عباسي ۽ طوطي جهڙن انقلابين ويڙھ وڙھي،جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي)جي قيادت بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو، غوث بخش بزنجو، نوابزاده نصرالله خان، رسول بخش پليجو ۽ معراج محمد خان سنڀالي.

مون کان اهو ڏينهن نه ٿو وسري، جڏهن مان وارسڪ جي عقوبت خاني مان ڇهن مهينن بعد پشاور جيل جي ورانڊي ۾ پهتو ھوس،ٿلھو متارو لطيف آفريدي منھنجي حالت ۽ بدحال ٿيل حليو ڏسي ڪري روئي پيو ھو ۽ هن مونکي زندھھ لاش طور  هٿن ۾ کڻي پنهنجي بيرڪ ۾ آندو، گرم پاڻيءَ سان وھنجاري ڪري، ڄميل مير  لھرائي ۽ ڊگهن ننھن کي لھرائي ڪري، منھنجو حواس بحال ڪرڻ ۾ لڳي ويو ھو. مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان. پنهنجي ماءُ جي ھنج  ۾ اچي ويو آهيان. پوءِ پنجن سالن جي ڊگھي جيل ۽ لطيف لالا جون مهربانيون ۽ جيل جو ساٿ جتي مولانا فضل الرحمان اسان جو خاص رفيق رھيو،

ھوڏانھن  پنجاب ۾ هڪ حشر بپا ھو ۽ خالد چوڌري جهڙا انقلابي ميدان عمل ۾ ھئا. خالد چوڌري کي لاهور هاءِ ڪورٽ کي بم ڌماڪي سان اڏائڻ جي سازش ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو۽ جڏهن اسان جو پراڻو دوست اعتزاز احسن جڏھن ھن جي وڪالت ڪرڻ لاءِ مولوي مشتاق جي عدالت ۾ پيش ٿيو ته، مولوي صاحب، خالد جو فائيل کڻي اڇلائي ڇڏيو ھو. سندس ڀائر ساحر رشيد ۽ بيگم ايلزبيٿ سندس آزاديءَ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙندا رهيا ھئا. خالد چوڌري PFUJ اڳواڻن منهاج برنا، نثار عثماني ۽ حسين نقي سان گڏ پريس جي آزادي لاءِ صف آرا ھو،  خالد چوڌري جو هر وقت اسان سان ساٿ رهيو ۽ جڏهن اسان  2004ع ۾ ڪشمير جي دوري تي وياسين ته، خالد ان دوري جي حوالي سان ڪيترائي ڪالم لکيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ٿيا.

لطيف آفريدي شروع کان ئي جمهوري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ فاطمه جناح جي چونڊ مهم کان وٺي جنرل ضيا جي آمريت تائين ۽ قبائلي عوام جي حقن ۽ پورهيتن ۽ هارين جي جدوجهد جي هر محاذ تي شامل رهيو. جڏهن قبائلين کي ووٽ جو حق مليو ته هو خيبر مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.ھو نيشنل پارٽي جو صوبائي صدر.اي اين پي ۽ قومي انقلابي پارٽي جي بانين مان ھو، مون کي ياد آهي ته اسلام آباد ۾ جڏهن وڪيلن جو ڪنوينشن ٿي رهيو هو ته ھن مون کي ان جي  پڌرنامي لکڻ جي ذميواري سونپي هئي. ان  ڪنوينشن ۾ جيڪي ٺهراءُ منظور ڪيا ويا ھئا، اھي پاڪستان جي جمهوري مستقبل لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا، جنهن جي سڀني سياسي پارٽين کي تائيد ڪرڻ گهرجي. خالد چوڌري تھ اوچتو وفات ڪري ويو، پر لالا لطيف کي هڪ سازش سان قتل ڪرايو ويو. هن جو ڪنهن به خانداني قبائلي خونريزيءَ سان پري جو بھ واسطو نه هو، هو هڪ امن پسند ۽ نيڪ انسان هو،بلڪھ ڇا اھو تھ آفريدي قبيلي ۾ هلندڙ قتل و غارت کي روڪڻ لاءِ سيشن جج آفتاب آفريدي ۽ لطيف آفريدي کي ٽياڪڙ  مقرر ڪيو ويو ھو ۽ انهن ٻنھي کي ماريو ويو ۽ جنھن  سميع الله آفريدي لطيف آفريدي کي قتل ڪيو ان جو تعلق مبينا طور نظر نھ ايندڙ خاص قوتن سان جڙيل آھي،لطيف لالا جي آخري تقرير انتها پسندن جي واپسيءَ خلاف هئي، هو پختونخواهه ۾ هلندڙ امن تحريڪ جو روح روان هو. هو ڪافي وقت کان دهشتگردن جي نشاني تي ھو ۽ آخر شهادت سندس مقدر بڻي.

 

قتل گاہوں سے چن کر ہمارے علم

اور نکلیں گے عشاق کے قافلے

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.