ڇا هر مسئلي جو حل ڪراچي اچڻ آهي؟

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

ڪافي وقت کان اسان اهو ٻڌندا  اچون ٿا ته ڪراچي اچو ، ڪراچي جي مالڪي ڪريو، ڪراچي ۾ ڪو به ڪاروبار ڪريو پر ڪراچي جي مالڪي ڪريو. ڳوٺ ۾  تباهه ۽ برباد نه ٿيو. هاڻي تازو برساتن کان پوءِ ته ڪراچي هلو جا نعرا وڌي ويا  بلڪه ڪراچي ۾ سنڌين جو گهڻو تعداد اچي ويو، پپري، عبدالله ڳوٺ، سومار ڳوٺ، شاه ٽائون، شاهه لطيف ٽائون، گلشن حديد، ڪورنگي، سچل ڳوٺ وغيره  ڪيترن  جڳهين تي سرڪاري اسڪولن ۾ يا مختلف گهرن ۾ کين آباد ڪيو ويو ، وري انهن جي سهائتا  ڪرڻ لاءِ ڪئمپون لڳايون ويون. اهو رجحان 2010 ع ۽ 2022 ع واري  ٻوڏ ۽ برسات  کان شروع ٿيو ، لکين خاندان ڪراچي ۾ شفٽ ٿيا، جيڪي هميشه اتي رهي پيا.

هاڻي سوچڻو اهو آهي ته ڇا  اهو ئي حل آهي ته ڪراچي ۾ شفٽ ٿجي؟ اچو ته ڏسون!ڪراچي  گهڻ رخو نسلي ، قومي، علائقائي، شهر آهي. جنهن ۾ افغاني، برمي، بنگالي، اردو ڳالهائڻ وارا، بلوچ، ڪرد، سنڌ جي مختلف علائقن مان روزانه ايندڙ  آباد ٿي رهيا آهن. جن ۾ صرف شريف ماڻهو ناهي انهن ۾ چور ، ٺڳ، قاتل، ڌاڙيل، اسمگلر،  فقير به آهن.  ظاهر آهي ڪراچي ۾ ايندڙ هر ڪوئي امير ناهي. 80 سيڪڙو غريب اچن ٿا. ڪي ڪراچي ۾ سيٽ ٿي وڃن ٿا. ڪي واپار ڪري ترقي ڪري وڃن ٿا ته ڪي وري، اڃا به غربت جي لڪير کان هيٺ ڪري پون ٿا. اهي جيڪي ڳوٺ ۾ ڀلي عزت وارا هجن ،  رکي سکي کائيندا هجن پر ڪراچي ۾ صرف بجلي جي بل ۾ جهليا پيا هوندا آهن. مسواڙ، گهر جو سيدو، ٻارن جي پڙهائي اڃا الڳ هوندي آهي. پوءِ اهي خاندان يا ته اڃا غريب بستين ۾ وڃي رهندا آهن، جتي مسواڙ سستي هجي. ڪي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا، جتي 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي ويندي آهي، اتفاق سان فيڪٽري ۾ ڪو حادثو ٿئي  ٽنگ ڀڄي يا ٻانهن پر فيڪٽري وارا ٻڌل ناهن، اهي اچي گهر ڀيڙو ڪري ويندا ته کڻو پنهنجي ڀاءُ کي. ڪي ماڻهو ڏهاڙي ٿي ويندا آهن، ڪي ڪيلا ، سبزي ، فروٽ وڪڻندا رهندا آهن پر پٺاڻ کين مارڪيٽ ۾ بيهڻ نه ڏيندو آهي ،اتي به مقابلو سخت آهي. ڪي خاندان پنڻ شروع ڪندا آهن يا ٻي برائي ۾ هليا ويندا آهن.

ڪراچي جا وڏا خرچ آهن. محدود زندگي آهي، تنگ، سوڙهي، گهٽين ۾ گٽرن ۾ ، اجبني ماڻهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي زندگي جيڪا اسان وشال آسمان ڏيئي ورتي،  جيڪا اسان واهوندا ڏيئي، کيت، سرسبز زمينون ڏيئي، ورتي، اهي گٽر واريون گهٽيون ۽ تنگدستي اسان اڏمندڙ پکي ڏيئي ورتي . رات جا تارا، ڪتيون ٽيڙو ڏيئي ورتي. ڪراچي جي غريبن بستين ۾ نه موسمون آهن، نه عيد نه براد،  ڪاغذ چونڊڻ واري جي پٺيان ته هيروئن وڪڻڻ ۽ هٿيار سپلاءِ ڪرڻ وارن جي حمايت هوندي آهي  پر غريب پنهنجا ٻار  وٺي جڏهن ڪراچي اچي ٿو ته ان کي ڪنهن جي به حمايت حاصل نه هوندي آهي.  فروٽ کپائي  يا پني پر خرچ پورا ڪرڻ هماليه جي چوٽي سر ڪرڻ آهي. اسان اڪثر فلمن ۾ ڏسندا آهيون ته  ڪو غريب شهر ۾ ايندو آهي، ان کي ڪجهه ڏينهن ۾ نوڪري به ملي ويندي آهي ڇوڪري به ملي ويندي آهي. يا وري ڪنهن امير زادي جو عشق ٿي ويندو آهي. پوءِ اهو سرمائيدار جو ناٺي ٿي ويندو. جلد امير ٿي ويندو. بنگلا گاڏيون، پر افسوس ته اها فلم ختم ٿيو وڃي. اسان جي گهڻن ماڻهڻ کي اهو رومانس آهي ته  شهر ۾ جلدي امير ٿي وڃبو. اهو فلمي رومانس  برصغير جي غريب ۾ عام هوندو آهي.  اصل ۾  جاگيردار ، وڏيري جي بدمعاشي اها ئي آهي ته اتي ماڻهو کي غلام ٺاهي رکو، شهر ۾ سرمائيدار کي سستو مزدور فراهم ڪريو. ڪراچي هڪ ڪرمنل زون آهي، جتي دنيا جا خطرناڪ ماڻهو رهن ٿا. اهو مسئلو صرف ايم ڪيو ايم جو ناهي دنيا جون ايجنسيون هتي ڪم ڪن ٿيون. هتي صرف مافيائون آهن. اسپتال مافيا، اسڪول مافيا، ڪلرڪ مافيا، پوليس مافيا، غنڊه مافيا، پٺاڻ مافيا، افغاني مافيا، ان صورتحال ۾ ڳوٺان  خالي هٿين اچي ڪراچي ۾ سيٽ ٿي وڃڻ ديواني جو خواب آهي. ڪيلا وڪڻندو ته سندس ٻار به ڪيلا ئي وڪڻندا. گندي بستي ۾ ئي رهندو.

اسان جا هزارين سنڌي۽  سرائيڪي ماڻهو ڳوٺن مان اچي ڪراچي ۾ پنندا آهن. توهان کي خبر آهي ته زال ۽ ٻارن سان گڏ همراه اچي صدا هڻندو توهان پاڻ شرمنده ٿيندا ته ڇا ڪجي. ڪراچي غير پلاننگ شده شهر آهي. جتي جنهن کي جتي جڳهه ملي اتي قبضو ڪري ويهي رهيو . ڪيترن ماڻهن  زمينن تي قبضا ڪري پلاٽنگ ڪري ڳوٺ ٺهرايا. پاڻ  ارب پتي ٿي ويا پويان دربدر ٿي ويا.

ايندڙ ڏينهن ۾ ڏڪار اچي پيو. بيروزگاري خطرناڪ حد تائين پيدا ٿيندي. مهانگائي حد کان مٿي ويندي. پيٽرول 300 روپيا لٽر ۽ ڊالر 400 رپيا ٿي سگهي ٿو ، غذائي کوٽ ٿي سگهي ٿي، ملڪ ڊيفالٽ ٿي سگهي ٿو، روزگار جا ذريعا ختم ٿي سگهن ٿا.  بجلي جو يونٽ 50 روپيا معنيٰ سئو يونٽ به هلايو ته پنج هزار بل . پاڻي جا مسئلا،  کائڻ پيئڻ جون شيون مهانگيون  ، منڊي ۾ مال پٺاڻن وٽ اچي ٿو، اهي ماشا خور وڏا ظالم آهن.  توهان ڏٺو ته ڪارخانه بند ٿين پيا. سرڪاري ادارا ختم ٿين پيا. سرمايو سڪڙجي چند هٿن ۾ وڃي پيو. ننڍو دڪاندار خساري ۾ وڃي وڃي پيو.  مڊل ڪلاس سرمائيداري دور جي پيداوار هو، گلوبل ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دنيا گلوبل سامراجي دنيا باءِ پولر سرمائيداري کان مختلف آهي. گلوبل دنيا مان مڊل ڪلاس ختم ٿي ويندو.  هڪ رياست اندر مٿيئن ڪلاس جا شهر الڳ هوندا ته غريبن جون بستيون الڳ هونديون.  انهيءَ عالمي بحران ۾  وڏا شهر جلدي لپيٽ ۾ ايندا. خطرناڪ بحران ايندا . جياپو  صرف زمينون ، ٻهراڙيون ڪنديون، جن کي ماني ملندي باقي فٽ پاٿ تي لاشن ۾ تبديل ٿي ويندا. بيماريون، بک شهري ماڻهو کي تباهه ڪندي، ماڻهو  ملٽي نيشنل ڪمپنين جو غلام هوندو، جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺندايون، صرف ماني جو گرهه ڏينديون.  نه ته ڪنهن جي عزت رهندي، نه جان سلامت رهندي. ائين به ناهي ته ٻهراڙي جا ماڻهو انهيءَ بحران کان بچي ويندا پر شهرين وٽ ڪابه واه نه هوندي. چوري، ڌاڙا، قتل، خانه جنگي جهڙا عذاب شهرن ۾ وڌيڪ ٿيندا.

ملڪ جي بحران واري صورتحال جڏهن خطرناڪ حد تائين ويندي، انارڪي ڦهلبي ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي. خانه جنگي ۾ هر ڪوئي ڦر لٽ ۾ مصروف هوندو. قتل غارت هوندي. اتي غريب ڇا جيئندو؟ ڇا ٻارن کي اتي  ڪو سٺو مستقبل ڏيئي سگهجي ٿو؟  هڪ وقت ايندو جڏهن ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿيندي. ڏڪار ايندو ماڻهو ڀڄي ڀڄي ڳوٺن ۾ وڃي پناهه وٺندا.  شهرن ۾ ان جو داڻو به نه ملندو. غريب ماڻهو ڦر لٽ جو شڪار ٿيندو. باقي اميرن جا خاندان  ڪئنيڊا، امريڪا، آسٽريليا ، ۽ لنڊن ۾ اڳ ئي سيٽ آهن، اهي صرف  جهاز ۾ ويهندا . هنن جا اصل خزانا اتي بئنڪن ۾ رکيل آهن.  انهن لاءِ ڪو به نه ڏڪار هوندو نه خانه جنگي، نه ڦرون، نه بک. هنن جا وارا نيارا آهن.

غريب کي پناهه صرف سندس ڌرتي ڏيندي آهي. غريب کي پناهه صرف فطرت ڏيندي آهي.  جتي زمين آهي، وڻ آهن ، پکي ۽ جانور آهن.  ڳوٺن ۾ اٽو ملندو نه ته ساڳ ملندو، نه ته بصر ملندو، نه ته ڪو جانور، مڇي ڪو شڪار هٿ اچي ويندو پر شهر ۾ ڪجهه به نه هوندو.

جاپان تازو هڪ قانون پاس ڪيو ته ٽوڪيو جي آبادي 4 ڪروڙ ٿي وڃڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي آماده ڪيو پيو وڃي ته جيڪو ماڻهو ٻهراڙي ۾ آباد ٿيندو اتي نوڪري ڪندو ته ان کي اسپيشل الائونس ڏنو ويندو. ڇوته انهن ملڪن کي  اها ڳڻتي آهي ته زندگي ٻهراڙي کان بغير بيڪار آهي. انسان کي جنگلات به کپن، ساوڪ به کپي، ميدان به کپن. ٻنيون ٻارا، نديون نهرون، پکي پکڻ، جانور  به کپن. زندگي رڳو بند فليٽ ناهي. جتي گهٽين ۾ ٻار ڪڏهن به جينئس ٿي نٿا سگهن. فطرت کان ڪٽجي انسان ترقي ڪري نٿو سگهجي.

اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڪراچي اچڻ آهي ته اهو سياسي طور پرڪشش نعرو آهي پر  ڳوٺ ڪنهن جي حوالي ڪري اچن، پنهنجون زمينون، پنهنجا گهر ڪنهن کي ڏيئي اچن. توهان کي چڱي طرح خبر آهي ته  هاڻي اتي افغاني پٺاڻ اچي رهيو آهي. هو ٻنين تان فصل وٺي منڊي تائين رسائي ڪري ٿو.روڊن تي هوٽل هن جا، پيٽرول پمپ ان جا. منڊي ۾ افغاني ويٺو آهي.  هاڻي وڏيرو  فصل منڊي ڪونه کڻي ٿو وڃي. اتي پٺاڻ کي ڏيئي ٿو، جو منڊي ۾ کيس پٺاڻ معاش خور جو رويو  اڍنگو  لڳي ٿو.  جي آهستي توهان پنهنجون زمينو ن خالي ڪري ايندا اتي جو خال افغاني پٺاڻ ڀريندو، جيڪو سنڌ ۾ مڪڙن وانگر اچي پيو.  آهستي آهستي توهان جا ڳوٺ افغاني پٺاڻن جي حوالي ٿي ويندا. توهان شهر جا به نه ٿيندا ته ڳوٺ جا به نه ٿيندا. اڄ جو توهان جي سنڌ تي حڪومت آهي ته اها انهيءَ ڪري جو توهان جا ڳوٺ مضبوط آهن. مثال ملير مان اڄ تائين ڪو به ڌاريو کٽي نٿو سگهي. ڇو جو هتان جا ڳوٺ مقامي ماڻهن وٽ آهن.

پليجو صاحب چوندو هو ته بابا ٽي بي جي مريض کي کنگهه به ٿيندي، بخار به ٿيندو پر علاج ٽي بي جو ڪرڻو پوندو ، کنگهه جو يا صرف بخار  جو نه. سو اصل مسئلو آهي اسان جي نظام جو، جيڪو ڪينسر کاڌل آهي، جنهن ۾ قانون ناهي. وڏيري کي خونخوار بنايو ويو آهي.  توهان رڳو اهو ته حساب ڪريو ته وڏيرن وٽ ٻيلي کاتي جي زمين ڪيترا لکين ايڪڙ آهي. جن ٻيلا وڍائي اربين رپيا ڪمايا، جن ميونسپلٽي کان وٺي روڊن، اسڪولن، پلين کان وٺي ڀنگين جا به پئسا کاڌا.وڏيرو ان ڌاتا آهي. ڪرپشن جو شهنشاه آهي بيوروڪريسي به وڏيري جي اولاد مان هوندي. غريب رڳو ماستر يا پٽيوالو هوندو. باقي نوڪريون به وڏيرن وٽ هونديون. اهڙي صورتحال ۾  اسان ان وڏيرڪي نظام خلاف وڙهڻ بجاءِ ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ بجاءِ ويٺا اهو مشورو ڏيون ته ڳوٺ ڇڏي ڪراچي اچو. ڪراچي ۾ ڪو هڪڙو ادارو ٻڌايو، جيڪو سنڌين جي واهر ڪندو هجي. کين واپار ڪرڻ، نوڪرين ڏيارڻ ۾ ڪا مدد ڪندو هجي. ڪا هڪڙي تنظيم ڏيکاريو، جيڪا سنڌين جو تحفظ ڪري سگهي؟

اسان کي پنهنجي ٻهراڙين جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.  اسان کي انساني روين جي پرچار ڪرڻ گهرجي.اسان جي ٻهراڙين کي ايتريون سهولتون ملڻ گهرجن جو جديد کان جديد سهولت اتي ملي.

اسان کي اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته ٻهراڙين ۾ ڪارخانه لڳايا وڃن،  اتي روزگار جا موقعا پيدا ڪريو.  اتي پنهنجي ليڊر شپ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون وٺجن. زمين  ئي اناج ڏيندي آهي، زمين ئي  ڀاڄيون ،  ميوو ڏيندي آهي، شهر جا گٽر ڪونه ڏيندا آهن. اصل مسئلو قانون جو آهي، اصل مسئلو انصاف جو آهي، اصل مسئلو سٺي مئنيجمينٽ جو آهي، سٺي حڪومت جو آهي پر اسان  وڏيرن خلاف ڳالهائڻ بجاءِ ڪراچي  ۾ آباد ٿيڻ کي هر مسئلي جي دوا پيا سمجهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.