ڪراچيءَ جو ميئر ڪير ٿيندو؟

سيد عنايت علي شاھ

ڪراچي ۾ مڪاني حڪومت جو نظام3 درجن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ پھريون يونين ڪميٽين جو ٻيو ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز جو ۽ ٽيون سٽي ڪائونسل يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو آهي، نئين مڪاني  نظام ۾ ضلع ميونسپل ڪارپوريشن کي ختم ڪري يونين ڪميٽي جي وائس چيئرمين ۽ مخصوص سيٽن کي ملائي سڄي ڪراچي ۾ 25 ٽائون ڪائونسلون بنايون ويون آهن، نئين مڪاني نظام تحت سڄي ڪراچي ۾ 246يونين ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، انهن جا چونڊيل چيئرمين ڪراچي سٽي ڪائونسل جي نمائندگي ڪن ٿا، 121 مخصوص سيٽن جي پارٽي پوزيشن جي حساب سان ورڇ ڪئي ويندي، مخصوص چونڊن کان پوءِ سٽي ڪائونسل ۾ ٽوٽل 367نمائندا نمائندگي ڪندا، جنهن ۾ عورتن جون 81، اقليتن جون 5،مزدورن جون 5،نوجوانن جون 5، فيصد سيٽون آهن، جڏهن ته کدڙن ۽ معذورن جون ٻه ٻه فيصد سيٽون شامل آهن، ان کانپوءِ سٽي ڪائونسل جا 367ميمبر پاڻ مان ٻن ميمبرن کي هٿ مٿي کڻي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊيندا.

لوڪل گورنمينٽ قانون مطابق 4 جنرل ڪائونسلر سان چيئرمين ۽ وائس چيئرمين گڏيل طور 246 يونين ڪائونسلن مان پينل جي صورت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺن ٿا، جنهن جو مطلب ته 246يونين ڪميٽين جا چيئرمين وائس چيئرمين ۽ 984جنرل ڪائونسلر سڌو سنئون اليڪشن جي ميدان مان چونڊجي ايندا، يونين ڪائونسلن جا چونڊيل 6نمائندا مخصوص سيٽون ٻه عورتون، هڪ هاري مزدور، هڪ نوجوان ۽ هڪ اقليتي ڪائونسلر کي نامزد ڪندا، ان کان علاوه سڄي ڪراچي جي25 ٽائونن جا ميمبر جيڪي يوسين جا وائيس چيئرمين هوندا ساڳئي طرح مخصوص سيٽن جي چوند ڪري پاڻ مان ٻن کي ٽائون جو چيئرمين ۽ وائس چيئرمين چونڊيندا، مٿي ذڪر ڪيل طريقي سان يونين ڪميٽين ٽائون ڪائونسلن ۽ سٽي ڪائونسل جي چونڊ ٿيندي، هن مڪاني نظام ۾ ڪراچي جا سمورا ضلعا انتظامي طور بحال هوندا،

ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون  ادا ڪندا رهندا، هن وقت ڪراچي ۾ ست ضلعي آهن جن ۾ 25ٽائون ڪائونسلون ۽ هڪ سٽي ڪائونسل آهي، ضلعي ملير ۾ ٽي ٽائون ڪائونسلون ملير ٽائون، ابراھيم حيدري ٽائون، گڏاپ ٽائون، 30يونين ڪميٽيون آهن، ضلعي ڪورنگي ۾ چار ٽائون ڪائونسلون  ماڊل ڪالوني ٽائون، شاھ فيصل ٽائون، لاندي ٽائون،  ڪورنگي ٽائون ۽ انهن چئني ٽائونن ۾ 37يونين ڪميٽيون آهن،

ڏکڻ ضلعي ۾ 2 ٽائون صدر ٽائون،  لياري ٽائون ۽ 26يونين ڪميٽيون آهن، اولھه ضلعي ۾  منگھو پير ٽائون، اورنگي ٽائون، مومن آباد ٽائون، 3 ٽائون ڪائونسلون ۽ 26يونين ڪميٽيون  آهن،  مرڪزي (سينٽرل) ضلعي ۾ 5ٽائون ڪائونسلون نيو ڪراچي ٽائون، نارٿ ناظم آباد ٽائون، گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ٽائون، ناظم آباد ٽائون ۽ 45 يونين ڪميٽيون آهن، ضلعي اوڀر ۾ 5ٽائون چنيسر ڳوٺ ٽائون، سھراب ڳوٺ ٽائون، صفوره ڳوٺ ٽائون، گلشن اقبال ٽائون، جمشيد ٽائون شامل آهن، جڏهن ته انهن ٽائونن ۾ 43 يونين ڪميٽيون آهن، ضلعي ڪياماڙي ۾  3 ٽائون مورڙو مير بحر ٽائون، بلديه ٽائون، ماڙي پور ٽائون ۽ 32 يونين ڪائونسلون آهن،

15 جنوري تي ٿيل مڪاني چونڊن جي نتيجن موجب ڪراچي ۾ سڀن کان وڌيڪ يونين ڪميٽيون پيپلز پارٽي جي حصي ۾ آيون آهن جنهن 235 يونين ڪميٽين مان 91 يونين ڪمٽيون کٽيون آهن ياد رهي ته ڪراچي ۾ ٽوٽل 246يونين ڪميٽيون آهن جن مان 235 يونين ڪميٽين تي چونڊ ٿي آهي جڏهن ته11 يونين ڪميٽين تي اميدوارن جي فوت ٿي وڃڻ ڪري چونڊون نه ٿي سگهيون آهن جن تي ڪجهھ وقت ۾ ضمني چونڊ  ٿيندي، تاريخ ۾ پھريون دفعو آهي ته ڪراچي ۾پيپلز پارٽي  پنهنجو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ آھي، ۽ ڪوششون به ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ٻيو نمبر جماعت اسلامي جو آهي، جنهن 88يونين ڪميٽيون کٽيون آهن،  40يونين ڪميٽين سان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ٽيون نمبر آهي،

جڏهن ته  مسلم ليگ نواز 7، ٽي ايل پي 2، ايم ڪيو ايم حقيقي هڪ، ۽ چار آزاد اميدار به ڪامياب ٿيا آهن،  سٽي ڪائونسل ۾ ميئر جي چونڊ سادي اڪثريت لاءِ  179سيٽون گهرجن، سٽي ڪائونسل ۾ ڪنهن به پارٽي وٽ ميئر آڻڻ لاءِ  سادي اڪثريت موجود ناهي، جڏهن ته  مخصوص سيٽون ملائي سٽي ڪائونسل ڪراچي ۾ پارٽي پوزيشن هن ريت آهي پاڪستان پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن سان 140 ميمبر جماعت اسلامي مخصوص سيٽن سان 135ميمبر، تحريڪ انصاف  مخصوص سيٽن سان 60 ميمبر، مسلم ليگ نواز مخصوص ملائي 9 ميمبر، ٽي ايل پي مخصوص ملائي 3 ميمبر، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ميئر شپ جو تاج ڪنهن جي سر تي سجي ٿو. جنهن لاءِ  پ پ ۽ جماعت اسلامي ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.