وندر ڊيم اسان منظور ڪرايو، زراعت ترقي ڪندي: صالح ڀوتاڻي

حب(م ڊ) بلوچستان جي بلديات واري سينئر صوبائي وزير سردار صالح ڀوتاڻي ۽ ايم اين اي محمد اسلم ڀوتاڻي وندر ڊيم منصوبي جو دورو ڪيو ان موقعي تي آبپاشي عملدارن پاران وندر ڊيم رٿا جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، سينئر صوبائي وزير سردار محمد صالح ڀوتاڻي چيو ته اڄڪلهه عجيب رسم هلي رهي آهي ته ڪجهه ماڻهن پاران ٻين جي منظور ڪريل پراجيڪٽن کي پنهنجي کاتي ۾ وجهي داد وصول ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪرندڙ سياسي ساک کي سهارو ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته توهان سڀني کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته پهرين جنوري 2021ع تي ان وقت جي صدر آصف علي زرداري وندر ڊيم جي پراجيڪٽ جي تعميراتي ڪم جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، وندر ڊيم رٿا لسٻيله گوادر مان چونڊيل منهنجي ڀاءُ اسلم ڀوتاڻي جي ڪري منظوري ملي هئي، ڪنسٽرڪشن ڪمپنين جي پاڻ ۾ جهيڙن ۽ عدالتي جنگ سبب ڊيم جو پراجيڪٽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڊيم جي تعمير جي لاڳت 7 ارب رپيا هئي اها 12 ارب رپين تائين پهچي وئي، جنهن سان قومي خزاني کي 5 ارب رپين جو اضافي بار برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته حڪومتون ته تبديل ٿينديون رهنديون آهن ان جو مطلب اهو ناهي ته ٻي حڪومت جي اچڻ سان اڳوڻي حڪومت جي جاري ڪيل رٿائن کي ايندڙ حڪومت هاءِ جيڪ ڪري وڃي،هن چيو ته وندر ڊيم رٿا جي نقشي ۾ تبديليون نظر آيون ته ذميوارن سان سختي سان پيش اچبو، وندر ڊيم سان 10 هزار ايڪڙ ايراضي آباد ڪئي  ويندي، جيڪو بنافرق ڪنهن سياسي وابستگي سان ڪيو ويندو، هن چيو ته وندر ڊيم جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي سان گڏ ٻئي هنڌ تي آباد ڪرڻ لاءِ ايراضي فراهم ڪئي ويندي، ڊيم مان نڪرندڙ نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وينديون، زراعت کي فرسوده نظام مان ڪڍي جديد طرز تي منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته لسٻلي ۾ ٻيو ضلعو حب بڻجڻ سان ماڻهو هر هنڌ چون ٿا ته ڀوتاڻي ڀائر حب ضلعي ۾ پنهنجي جاگيرداري قائم ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ حب کي ٻيو دريجي بڻائڻ جي خواهش رکن ٿا، هن چيو ته اسان لاءِ دريجي ئي ڪافي آهي، حب ضلعو توهان سڀني جو آهي، ان تي حق هتان جي رهائشي قديم قبائل جي ماڻهن جو هو ۽ رهندو، اسان توهان ماڻهن جا چونڊيل نمائندا آهيون، توهان آڏو ئي جوابده آهيون، اسان نٿا چئون ته اسان کان ڪوتاهي ناهي ٿي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن وندر جي زميندار منهنجي حق ۾ پينافليڪس لڳايا ته ان وقت جي وڏي وزير جي آفيس مان ان وقت يج ڊي سي ۽ ٻين آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو ته اسلم ڀوتاڻي جي تصويرن وارا بورڊ اکيڙي ڇڏيو، هاڻي جڏهن انهن جي ڪرسي هلي وئي آهي هاڻي هو ڪنهن ڊي سي يا ڪنهن آفيسر کي چون ته منهنجا پينافليڪس لاهي ڏيکارين، مون ان وقت چيو هو ته اهي سرڪار جي نيرين پيلين بتين جي گاڏين جي زور تي منهنجا پينافليڪس لاهي رهيا آهن اهي نيرين پيلين بتين واريون گاڏيون هليون وينديون پوءِ اچي منهنجون تصويرون لاهي ڏيکارجو ،ڄنگهون ٽوڙي ڇڏيندس، مان اڄ به چوان ٿو ته هاڻي ڪو اچي اسان جا پينافليڪس لاهي ڏيکاري، ڄنگهن سان گڏ هٿ به ٽوڙي ڇڏينداسين، حڪومت جي زور زبردستي سان ڪنهن جا حق نٿا کائي سگهجن، اونداهي ۾ ماڻهن جا حق کائيندڙ اڄ ڪٿي آهن؟ هن چيو ته وندر ڊيم سان زميندار تمام گهڻو خوش ٿيندا، تقريب ۾ اقليتي ايم پي اي مکي شام لعل، پ پ جو ضلعي صدر حاجي محمد انور رونجهو، پ پ قلات ڊويزن جو اڳواڻ محمد شريف پالاري، بلوچستان نيشنل پارٽي جو اڳواڻ جميل احمد گچڪي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غلام قادر قاسمي، ڀوتاڻي گروپ جو اڳواڻ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ميمبر ماسٽر غلام رسول انگاريه، مير عبدالواحد عرف مير بهادر ڄاموٽ، عالم خان انگاريه، وڏيرو محمد سليمان انگاريه، وڏيرو عبدالستار انگاريه سميت مختلف سياسي جماعتن جا اڳواڻ،قبائلي معزز ن جو وڏو انگ موجود هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.