والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پوسٽر لڳي ويا

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ باره مولا ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن، جن ۾ عوام کي 26 جنوري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت پسند تنظيم پاران علائقي ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارتي يوم جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. پوسٽرن ۾ ڀارت کي پيغام ڏنو ويو آهي ته ڪشميري پنهنجي خوداراديت واري جائز مطالبي تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا ۽ آزادي واري جدوجهد کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائيندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.