مهانگائي جي ذميوار عمران خان جي اڳوڻي حڪومت آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي هميشه کان اها ترجيح رهي آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ ٺوس قدم کيان وڃن، اسان کي معلوم آهي ته عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن پر ان مهانگائي جي ذميوار عمران خان جي اڳوڻي حڪومت آهي جنهن ملڪي معيشت کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي يونين ڪائونسل احمد پوره جي دوري جي دوران علائقي واسين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قوم جي ڌي مريم نواز شريف پنهنجي علاج بعد وطن واپس اچي رهي آهي عوام هن جو پرجوش استقبال ڪندي. هن چيو ته مريم نواز جي آمد سان اسان جي جماعت مستحڪم ٿيندي ۽ اسان پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پنهنجي مهم شروع ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.