ڪراچي ۾ مهانگو اٽو وڪڻڻ خلاف ڪارروائي، 4 لک ڏنڊ، 8 دڪاندار گرفتار

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ جي ھدايتن تي ڪراچي جي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن طرفان اٽي جي مقرر ڪيل سرڪاري اگھن تي اٽو وڪرو نـ  ڪرڻ تي شھر جي 85 دڪاندارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آھي جن مان اٽي جي مقرر ڪيل سرڪاري اگھ جي خلاف ورزي ڪندڙ 8 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن تـ مجموعي طور دڪاندارن تي 3 لک 97 ھزار روپيا ڏنڊ ھنيو ويو اھڙي ڪارروائي جي رپورٽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ڪمشنر ڪراچي کي ڏني آھي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آھي تـ مقرر ڪيل سرڪاري اگھ تي اٽو وڪرو نـ ڪندڙ ڏکڻ ضلعي جي 24 دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آھي ضلعي اوڀر ۾ 30 دڪاندارن خلاف ضلعي اولھ ۾ 11 سينٽرل ضلعي ۽ ملير ضلعي  ۾ ڏھ ڏھ دڪاندارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آھي .جنھڻ تحت ڏکڻ ضلعي جي دڪاندارن تي 2 لک 22 ھزار روپيا ڏنڊ ھنيو ويو آھي اوڀر ضلع ۾ دڪاندارن تي ھڪ لک ڏھ ھزار روپيا ڏنڊ ھنيو ويو ۽ ٽي دڪاندار گرفتار ڪيا ويا . ملير ضلعي مان 2 دڪاندار گرفتار ڪيا ويا ۽ 30 ھزار روپيا ڏنڊ ھنيو ويو آھي . سينٽرل ضلعي ۾ ڏھ ھزار روپيا دڪاندارن تي ڏنڊ ھنيو ويو . اھڙي رپورٽ ملڻ تي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي اٽي جي نئين مقرر ڪيل اگھ تي عملدرآمد ڪرائڻ لاء مھم جاري رکڻ جون وڌيڪ ھدايتون ڏنيون آھن03 .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.