مريم نواز جلد ئي پاڪستان اچي اليڪشن ليڊ ڪندي: امير مقام

سوات(م ڊ)وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته اسان جي منظور ڪيل گئس منصوبن تي جلد ڪم شروع ٿيندو، ان لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، مالاڪنڊ ڊويزن کي وڌيڪ ٽيڪس کان آجو رکڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهه ٿي آهي، ايندڙ چونڊن لاءِ ن ليگ جون تياريون مڪمل آهن، ن ليگ جامع حڪمت عملي سان چونڊ ميدان ۾ لهندي، عوام جون نظرون (ن) ليگ تي آهن. اهڙن خيالن جو اطهار هن آچرڏينهن پنهنجي رهائشگاهه سنگوٽه سوات ۾ ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جرڳي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان 2013ع ۾ سوات جي مختلف علائقن ۾ اربين روپين جا گئس منصوبا ڪرايا هئا، پر بدقسمتي سان 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت مڙهي وئي جنهن انهن منصوبن کي روڪرائي ڇڏيو ۽ هن وقت اهي منصوبا لٽڪيل آهن، اڳوڻي وڏي وزير محمود خان جو گئس منصوبن ۾ ڪو به ڪردار نه هو، هاڻي اسان انهن سمورن منصوبن کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ اڄ سوئي گئس کاتي جي اعليٰ عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي آهي جنهن ۾ فيصلو ڪيو آهي ته 2013ع ۾ اسان جي منظور ڪيل گئس منصوبن کي بحال ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ سروي جو ڪم مڪمل ڪري هڪ هفتي يا 10 ڏينهن ۾ ان تي باقاعده ڪم شروع ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ چونڊن لاءِ (ن) ليگ جون تياريون مڪمل آهن، مريم نواز جلد ئي پاڪستان اچي اليڪشن ليڊ ڪندي، هن چيو ته انشاءُ الله عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن ماڻهن کي رد ڪندي جيڪي مسئلا حل ڪرڻ بدران ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هئا. (ن) ليگ خيبرپختونخوا صوبي مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي.

چين عالمي ترقي جي انجڻ آهي: ڊبليو ٽي او

بيجنگ(م ڊ) عالمي واپار واري اداري(ڊبيلو ٽي او) جي ڊائريڪٽر جنرل نگوزي ايولا چائنا ميڊيا گروپ سان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جو ساليانو اجلاس عالمي برادري کي ياد ڏياريو آهي ته موجوده عالمي ترقي کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ بي مثال سهڪار ڪرڻ گهرجي، چيني ميڊيا مطابق هن چيو ته دنيا ۾ ڪوروناوائرس جي وبا جا اثر بدستور موجود آهن پر صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، هن چيو ته چين ۾ کپت ۾ اضافو ۽ مينوفيڪچرنگ جو معمول تي واپس اچڻ عالمي معيشت لاءِ پيش رفت آهي، هن چيو ته چين عالمي ترقي جي انجڻ آهي، انٽرويو جي پڄاڻي تي هن چيني عوام کي جشن بهار جون مبارڪون ڏنيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.