برازيل: چونڊ نتيجن خلاف وڳوڙ، آرمي چيف برطرف

برازيليا(م ڊ) برازيل جي صدر لوئيز اناسيولولا ڊي سلوا اڳوڻي صدر جي حامين جي سرڪاري عمارتن ۾ ڀڃ ڊاهه جي معاملي ۾ ملڪ جي فوج جي سربراهه کي برطرف ڪري ڇڏيو، اي ايف پي مطابق اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ٻه هفتا اڳ صدر پاران ٻيهر چونڊون ڪرائڻ کان انڪار کانپوءِ اڳوڻي صدر جيئر بولسونارو جي حامين برازيليا ۾ اقتدار جي ايوانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، تجربيڪار کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ صدر پاران آرمي چيف جوليو سيزر ڊي اروڊا جي برطرفي پنهنجي پهرين غيرملڪي دوري کان هڪ ڏينهن اڳ ڪئي وئي آهي، جڏهن هو پنهنجي ملڪ کي عالمي سطح تي واپس نمايان مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، صدر جو چوڻ هو ته کيس شڪ آهي ته سيڪيورٽي فورسز انهن وڳوڙن ۾ ملوث ٿي سگهن ٿيون، جن دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، نامزد آرمي چيف ان عزم جو اظهار ڪيو ته فوج جمهوريت جي حمايت جاري رکندي ۽ هن تجويز ڪيو ته آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ چونڊن جي نتيجن کي قبول ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.