ملتان( م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي واپسي لاءِ قانوني رنڊڪون هٽايون پيون وڃن. هن چيو ته امپورٽيڊ حڪمران اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ بهانا جوڙي رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ اسان جون استعيفائون جلد بازي ۾ منظور ڪيون ويون.